ناڻي واري وفاقي وزير پاران وزيراعظم جي پنکن جي تبديلي واري پروگرام لاءِ ناڻي وزارت طرفان مڪمل سهڪار جو ورجاءُ

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزيراعظم جي پنکن جي تبديلي واري پروگرام لاءِ ناڻي وزارت طرفان مڪمل سهڪار جو ورجاءُ ڪندي ان کي توانائيءَ جي تحفظ، مالياتي ذميداري ۽ ماحولياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي. وزيراعظم جي پنکن جي تبديلي واري پروگرام جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير واضح ڪيو …

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وزيراعظم جي پنکن جي تبديلي واري پروگرام لاءِ ناڻي وزارت طرفان مڪمل سهڪار جو ورجاءُ ڪندي ان کي توانائيءَ جي تحفظ، مالياتي ذميداري ۽ ماحولياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي. وزيراعظم جي پنکن جي تبديلي واري پروگرام جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته ناڻي وزارت جي نقطهءِ نظر سان هي منصوبو اعليٰ ترجيح رکي ٿو ۽ ناڻي وزارت پاور ڊويزن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو ته جيئن ان پروگرام کي اثرائتي ۽ تيز رفتار انداز ۾ هٿي ڏئي سگهجي. سينيٽر محمد اورنگزيب ٻُڌايو ته ناڻي وزارت بجيٽ ۾ 2 ارب رپيا رکيا آهن جيڪي 10 سيڪڙو فرسٽ لاس رسڪ گارنٽيءَ طور تي استعمال ٿيندا. انهن قدمن جو مقصد بئنڪاري ادارن کي ان پروگرام ۾ فعال شرڪت جي ترغيب ڏيڻ آهي ته جيئن وزير اعظم جي پنکن جي تبديلي واري پروگرام ۾ درخواست ڏيندڙ صارفين کي آسانيءَ سان فنانسنگ فراهم ڪري سگهجي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته جيتوڻيڪ پروگرام جي باقاعده شروعات اڄ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان جو پائليٽ مرحلو اڳ ئي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ بئنڪاري صنعت جي سهڪار سان مڪمل ڪيو ويو آهي. ان پائليٽ مرحلي ۾ 11 بئنڪون شريڪ رهيون ۽ هاڻ تائين تقريبن 186 توانائي بچائيندڙ پنکا لڳايا ويا آهن جڏهن ته تقريب 13 لک 50 هزار رپين جي ورڇ 67 مستحقن کي ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزير ان قدم کي هاڪاري شروعات قرار ڏيندي چيو ته ڊجيٽل نظام، درخواست ۽ ادائگيءَ جو طريقيڪار اثرائتي طور تي فعال ٿي چڪو آهي. هن وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ ان پروگرام کي اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين بئنڪن جي سهڪار سان تيزيءَ سان هٿي ڏيڻي پوندي ته جيئن انهن فائدن کي 10 ورهين جي مُدي بدران جلد کان جلد عوام تائين پهچائي سگهجي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ناڻي وزارت توانائي جي تحفظ، مالياتي استحڪام ۽ پاڪستان جي ماحولياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي رهندي.