اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين جي تعاون سان اي او – 2 جي ڪامياب لانچ سان خلا ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اها ڪاميابي وڌندڙ فني صلاحيتن جي عڪاسي ۽ پاڪستان – چين جي هر طرح جي حالتن ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي وڌيڪ مستحڪم هجڻ …
پاڪستان چين جي تعاون سان اي او – 2 جي ڪامياب لانچ سان خلا ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين جي تعاون سان اي او – 2 جي ڪامياب لانچ سان خلا ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اها ڪاميابي وڌندڙ فني صلاحيتن جي عڪاسي ۽ پاڪستان – چين جي هر طرح جي حالتن ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي وڌيڪ مستحڪم هجڻ جو هڪ ٻيو مظهر آهي جيڪا هاڻي خلا تائين پکڙجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته اسپارڪو ۽ اسان جي باصلاحيت سائنسدانن شاندار ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هو ايندڙ ڏينهن ۾ ان اهم قومي ترقي جي شعبي ۾ پاڪستان – چين تعاون سان وڌيڪ خوشخبرين جا منتظر آهن.











