اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ بهتري اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪامياب رهيون، پُٺتي پيل علائقن ۽ گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ترجيح ڏني ويندي، انهن قدمن سان صارفين جي بلن ۾ ماهوار هزارين رپين جي بچت ٿيندي. توانائيءَ …
توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن: وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ بهتري اجتماعي ڪوششن جو نتيجو آهي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪامياب رهيون، پُٺتي پيل علائقن ۽ گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ترجيح ڏني ويندي، انهن قدمن سان صارفين جي بلن ۾ ماهوار هزارين رپين جي بچت ٿيندي. توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جا ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ لاءِ پُرعزم آهيون. پاڪستان جي توانائي جي شعبي کي دنيا جي انرجي مارڪيٽ برابر آڻڻ هدف آهي، انڊسٽريءَ لاءِ 35 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم پنکا تبديلي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اهي قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاور سيڪٽر ريفارمز جو حصو آهن، پاڪستان ۾ پيڪ آورز جي ڊيمانڊ هر سال وڌي رهي آهي جڏهن ته سولرائزيشن سبب ڏينهن جي ڊيمانڊ گهٽ ٿي رهي آهي جنهن سان گرڊ کي عدم استحڪام ۽ مختلف مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ مجموعي طلب 8 هزار ميگاواٽ آهي، سولرائزيشن سبب گرڊ کي چئلينجز ضرور پيش ٿيا جڏهن ته تجديد جوڳي ۽ ڪلين انرجي جي حوالي سان هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هلندڙ سال پاڪستان جي 55 سيڪڙو توانائي ڪلين رهي جڏهن ته 2030ع کان 60 سيڪڙو جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي جنهن کي پهريان حاصل ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2034ع تائين پاڪستان جي توانائي 90 سيڪڙو ڪلين انرجي تي ٻَڌل هوندي. هن چيو ته عالمي سطح تي برازيل ۾ ٿيل ڪوپ ڪانفرنس دوران پاڪستان کي ڪلين انرجي ٽرانزيشن ۾ نمايان مقام حاصل ٿيو ۽ سولرائزيشن کي عوام سطح جي سولرائزيشن ريوليوشن قرار ڏنو ويو. هن چيو ته وزيراعظم، پوري ڪابينه ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت حڪومت جي اجتماعي ڪوششن کانسواءِ اهي سڌارا ۽ ان جو تسلسل ممڪن نه هو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت مشڪل پر ضروري سڌارا ڪيا آهن جن ۾ ويجهن ڏينهن ۾ متعارف ڪرايل سولر نيٽ ميٽرنگ ريگيوليشنز شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم موجوده صارفين کي نيٽ ميٽرنگ ۾ برقرار رکڻ لاءِ سڌارن وارا قدم کنيا آهن جيستائين نيپرا عوامي ٻُڌڻيءَ ذريعي سمورا رايا ٻُڌي نٿو وٺي. هن چيو ته پروٽيڪٽڊ صارفين لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون، پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ اسٽيٽ بئنڪس ۾ بئنڪنگ سيڪٽر جا ٿورائتو آهيان، ان قدم سان صارفين جي بلن ۾ ماهوار هزارين رپين جي بچت ٿيندي، لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ گهٽتائي ايندي، بجلي جي کپت گهٽ ٿيڻ سان سسٽم تي بار گهٽ پوندو. هن چيو ته ان پروگرام ۾ پُٺتي پيل علائقن ۽ گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ترجيح ڏني ويندي، بجلي جي طلب گهٽ هئڻ سان سسٽم تي بار پڻ گهٽ پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيار ٿيل معياري ۽ تصديق ٿيل پنکا فراهم ڪيا پيا وڃن، منصوبي سان مقامي پنکن واري صنعتن کي هٿي ملندي ۽ هزارين ماڻهن کي روزگار ملندو، پنکن جي تبديليءَ سان ٽرانسفارمر سڙڻ جي واقعن ۾ گهٽتائي ايندي، لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ به گهٽتائي ايندي. پنکن جي تبديليءَ سان فيڊر ليول تي بار گهٽ ٿيندو، بجلي جي کپت گهٽ هئڻ سان سسٽم تي بار گهٽ پوندو. وفاقي وزير چيو ته 18 کان 20 مهينن ۾ سڀ کان پروٽيڪشن صارفين لاءِ مجموعي طور تي بجلي تقريبن 20 سيڪڙو سستي ٿي آهي جڏهن ته سبسڊي جي خاتمي ۽ ڪجهه فڪس چارجز ۾ واڌ باوجود ٻن سالن ۾ 200 ۽ 300 کان مٿي پروٽيڪٽڊ صارفين جي قيمتن ۾ 35 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. صنعت لاءِ به قيمتن ۾ تقريبن 35 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ان کي 11.5 سينٽ تائين آندو ويو. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن سمورا پنکا ايفيشنٽ فينز ۾ تبديل ٿي وڃن ته بجليءَ جي پيداوار جي ضرورت گهٽ ٿي ويندي ۽ صارفين کي بچت حاصل ٿيندي. هن واضح ڪيو ته پُراڻن پنکن جي واپسيءَ جيو شرط ختم ڪيو ويو آهي. پاڪستان حڪومت مستقبل جي چٽاڀيٽي مارڪيٽ جي روشنيءَ ۾ بجلي جي خريداري جي عمل کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ غير مؤثر پنکن جي پيداوار تي پابندي هئڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ سمورا اسٽاڪ واضح طور تي اثرائتا ٿين.











