حڪومتي پاليسين جو محور غريب طبقن جي بهتري آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته حڪومتي پاليسين جو محور غريب طبقن جي بهتري آهي، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن، ٻوڏ جي تباهيءَ سان وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، پنکا تبديلي پروگرام جو مقصد بجلي جي بچت ۽ عام ماڻهوءَ جي بجلي بلن ۾ گهٽتائي آڻڻ …

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته حڪومتي پاليسين جو محور غريب طبقن جي بهتري آهي، بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائيءَ جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن، ٻوڏ جي تباهيءَ سان وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، پنکا تبديلي پروگرام جو مقصد بجلي جي بچت ۽ عام ماڻهوءَ جي بجلي بلن ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي، وزيراعظم جي پاليسي جو مرڪز عام شهري خاص ڪري گهٽ آمدني وارا گهراڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم پنکا تبديلي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم پنکا تبديلي پروگرام 90 ڏينهن کان گهٽ مُدي ۾ مڪمل ڪري لانچ ڪيو ويو، ان منصوبي سان پنهنجي مدي جي استعمال دوران في پنکو تقريبن 12 هزار رپين تائين بجلي جي لاڳت گهٽ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڪاربن جي نيڪال ۾ به گهٽتائي آڻي ٿو جيڪا تازن سالن ۾ ايندڙ ٻوڏن جو سبب بڻيا، جن ۾ 6 هزار ماڻهو فوت ٿيا. هن مقرر مُدي ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ تي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻين شعبن ۾ انهي ئي رفتار سان منصوبا مڪمل ڪيا وڃن ته عوامي خدمتن جا نتيجا بهتر بڻائي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته وزيراعظم جي پاليسي جو مرڪز عام شهري خاص ڪري گهٽ آمدني وارا گهراڻا آهن. هن چيو ته عوامي پاليسيءَ جو مقصد محدود وسيلا رکندڙن کي تحفظ ڏيڻ آهي، خاص ڪري گرمين جي مهينن ۾ جڏهن بجلي جو استعمال وڌي وڃي ٿو ۽ بجلي جو بل هڪ سنگين مسئلو بڻجي وڃي ٿو. هن ٻُڌايو ته بجلي جا اگهه مرحليوار گهٽ ڪيا پيا وڃن ۽ ويجهڙ ۾ صنعت کي في يونٽ 4 رپين کان وڌيڪ رليف ڏنو ويو آهي جنهن ۾ پنکا بڻائيندڙ صنعتون پڻ شامل آهن. سندس چوڻ هو ته ان قدم جو مقصد ڪارخانن کي ڪيترين ئي شفٽن ۾ هلائڻ، پيداوار وڌائڻ ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته گرمين سان گڏ موسمياتي خطرا به وڌن ٿا. هن ٻُڌايو ته ويجهڙ سالن ۾ ايندڙ 4 کان 5 وڏين ٻوڏن جي نتيجي ۾ تقريبن 6 هزار ماڻهو فوت، تقريبن 19 هزار زخمي يا معذور ٿيا جڏهن ته 40 ملين شهري بي گهر ٿيا. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ان جا معاشي اثر نهايت سخت آهن. هن چيو ته پنکا تبديلي پروگرام بجلي جي طلب ۽ ڪاربن نيڪال ٻنهي کي گهٽ ڪري ٿو، خاص ڪري انهن گهرن لاءِ جيڪي ايئرڪنڊيشنر بدران پنکن تي ڀاڙين ٿا. هن چيو ته ان پروگرام جو مقصد بجلي بلن ۾ گهٽتائيءَ ذريعي سگهه کي بهتر بنائڻ آهي ۽ خرچن ۾ گهٽتائيءَ ذريعي موسمياتي هدفن جي حمايت ڪري ٿو، ان بچت کي اهي خاندان تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ بزرگن جي سارسنڀال تي خرچ ڪري سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته پنکا تبديلي پروگرام فوري گهريلو خرچ ۽ ڊگهي مُدي واري موسمياتي خطرن ٻنهي کي مُنهن ڏئي سگهي ٿو جنهن سان توانائي جي بچت ۽ آفتن کان بچاءُ سان واڳيل عوامي مفادن جي قدمن کي هٿي ملندي.