فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي توسيع پسنداڻن قدمن ۽ ارادن کان بي خبر ناهيون: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان، فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي توسيع پسنداڻن قدمن ۽ ارادن کان بي خبر ناهي، اسرائيل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو پهرين ڏينهن کان هو. قومي اسيمبلي ۾ اسامه حمزه جي اعتراض واري نقطي تي وضاحت ڏيندي قانون واري وزير چيو ته پاڪستان فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي …

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان، فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي توسيع پسنداڻن قدمن ۽ ارادن کان بي خبر ناهي، اسرائيل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو پهرين ڏينهن کان هو. قومي اسيمبلي ۾ اسامه حمزه جي اعتراض واري نقطي تي وضاحت ڏيندي قانون واري وزير چيو ته پاڪستان فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي توسيع پسنداڻن قدمن ۽ ارادن کان بي خبر ناهي، اولهه ڪناري جي حوالي سان اسرائيلي ارادن ۽ قدمن جو ڀرپور جواب ڏنو ويو آهي ۽ ڏنو ويندو. 9 فيبروري تي پاڪستان سميت 9 اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو گڏيل بيان ۾ به جاري ٿيو آهي. ان بيان ۾ پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن اسرائيل جي انهن غير قانوني فيصلن ۽ قدمن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جيڪو والاريل اولهه ڪناري ۾ غير قانوني اسرائيلي خودمختياري مڙهڻ، آبادڪاري جي سرگرمين کي مضبوط بڻائڻ ۽ هڪ نئين قانوني ۽ انتظامي حقيقت لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي انهن قدمن جي نتيجي ۾ والاريل علائقي جي غير قانوني الحاق جون ڪوششون ۽ فلسطيني عوام جي زبردستي بي دخلي ۾ تيزي اچي رهي آهي، پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اسرائيل کي والاريل فلسطيني علائقن تي ڪنهن به قسم جي خودمختياري حاصل ناهي، بيان ۾ والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي حڪومت طرفان جاري توسيع پسنداڻي پاليسين ۽ غير قانوني قدمن جي تسلسل کان خبردار ڪيو ويو آهي جيڪو خطي ۾ تشدد ۽ تڪرار  کي وڌيڪ هوا  ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي وزير انهن غير قانوني قدمن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو ته هي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، ٻه رياستي حل کي نقصان پهچائين ٿا ۽ فلسطيني عوام جي ان فتح نه ٿيڻ واري حق تي حملو آهن جنهن تحت هو 4 جون 1967ع جي سرحدن جي بنيادن تي والاريل القدس کي گادي وارو هنڌ بڻائي، پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جا حقدار آهن. هن چيو ته بيان ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي آهي ته والاريل اولهه ڪناري ۾ کنيل سمورا غير قانوني قدم ڪالعدم ۽ باطل آهن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن خاص ڪري قرارداد 2334 جي واضح ڀڃڪڙي آهن، جيڪي 1967ع کان والاريل فلسطيني علائقن سميت اوڀر بيت المقدس جي آبادياتي ساخت، ڪردار ۽ حيثيت ۾ تبديلي لاءِ ڪيل سمورن اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪري ٿي، پرڏيهي وزيرن عالمي انصاف واري عدالت جي 2024ع جي مشاورتي راءِ جو به حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي جي پاليسين ۽ طرز عمل ۽ ان جي مسلسل موجودگي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو، اسرائيلي قبضي جي خاتمي جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ۽ والاريل فلسطيني ايراضي جي الحاق کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. پرڏيهي وزيرن عالمي برادري کان پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته هو پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواريون پوريون ڪري ۽ اسرائيل کي والاريل اولهندي ڪناري ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ ان جي عملدارن جي چڙڏياريندڙ بيانن کي فوري طور تي روڪڻ تي مجبور ڪري، قانون واري وفاقي وزير چيو ته اسرائيل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو پهرين ڏينهن کان هو، پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ڪيو، پاڪستان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.