آءِ ايف اي ڊي جا منصوبا سڄي ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ مثبت اثر ڇڏي رهيا آهن: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته انٽرنيشنل فنڊ فار ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ (آءِ ايف اي ڊي) جا منصوبا سڄي ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن خاص ڪري گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب  ۾ مثبت اثر ڇڏي رهيا آهن، حڪومت مالي شموليت کي هٿي ڏئي پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي کي پيداواري شعبن خاص ڪري زراعت ۽ …

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته انٽرنيشنل فنڊ فار ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ (آءِ ايف اي ڊي) جا منصوبا سڄي ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن خاص ڪري گلگت بلتستان، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب  ۾ مثبت اثر ڇڏي رهيا آهن، حڪومت مالي شموليت کي هٿي ڏئي پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي کي پيداواري شعبن خاص ڪري زراعت ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار سان ڳنڍي رهي آهي. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن اٽلي جي گادي واري شهر روم ۾ آءِ ايف اي ڊي جي 49 هين گورننگ ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن، ترقياتي حصيدارن مالياتي ادارن، نجي شعبي جي نمائندن ۽ نوجوان ڪاروباري ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ٻهراڙي ترقي، پائيدار زراعت ۽ ننڍن آبادگارن لاءِ جديد مالي وسيلن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گورننس ڪائونسل جي موقعي تي وفاقي وزير آءِ ايف اي ڊي جي صدر الوارو لاريو سان تفصيلي ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۾ فنڊ جي تعاون سان جاري منصوبن تي اڳڀرائي، ايندڙ تعاون جي امڪانن ۽ ري پلينشمنٽ سائيڪلز ۾ پاڪستان جي مسلسل شموليت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي.راڻا تنوير حسين آءِ ايف اي ڊي سان پاڪستان جي پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو روجاءُ ڪندي صدر الوارو لاريو کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. صدر الوارو لاريو جولاءِ 2023ع ۾ صحيحون ٿيل هوم ڪنٽري ايگريمينٽ ۽ انهي سال اسلام آباد ۾ آءِ ايف اي ڊي جي هوم ڪنٽري آفيس جي قيام کي ياد ڪندي پاڪستان جي تاريخي ڪردار کي ساراهيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد جو دورو ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ پاڪستان سان آءِ ايف اي ڊي جي وڌندڙ پورٽ فوليو جو به جائزو ورتو ويو جيڪو هن وقت 1.2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي.  ڌرين موجوده ڪنٽري اسٽريٽجي تحت جاري منصوبن تي اطمينان جو اطهار ڪيو جيڪو چئني صوبن ۾ ٻهراڙي ترقي، غربت ۾ گهٽتائي، غذائي تحفظ ۽ موسمياتي موافقت تي آهن.  وفاقي وزير آءِ ايف اي ڊي جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ڊونل برائون جي پاڪستان جي آئنده دوري جي به آجيان ڪئي. ڊونل برائون پاڪستان سان پنهنجي پراڻن رابطن جو ذڪر ڪندي مستقبل ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. انٽرنيشنل ڊي آف فيملي ريميٽيلينسز جي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد اعليٰ سطحي گول ميز اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دنيا جي نمايان پرڏيهه مان ناڻو حاصل ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت مالي شموليت کي هٿي ڏئي پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي کي پيداواري شعبن خاص ڪري زراعت ۽ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري سان ڳنڍي رهي آهي.  پاڪستان 1978ع کان آءِ ايف اي ڊي جو باني ميمبر آهي، گذريل 4 ڏهاڪن ۾ آءِ ايف اي ڊي پاڪستان ۾ 26 منصوبن ۽ پروگرامن لاءِ 2.3 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي مجموعي پورٽ فوليو جي مدد ڪئي آهي جنهن ۾ حڪومتي ۽ ٻين حصيدارن جي مالي شموليت به شامل آهي. هن وقت چار وڏا منصوبا عمل هيٺ آهن جيڪي زرعي پيداوار ۾ اضافو، عورتن کي اثاثن جي فراهمي، آبپاسي ۽ مارڪيٽن تائين پهچ ۾ بهتري ۽ مستحق خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ جامع قدمن تي ٻڌل آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان آءِ ايف اي ڊي جي ري پلينشمنٽ عمل ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو رهندو ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي بابت نون قدمن سميت ايندڙ نسل جي منصوبن جي تياري ۾ ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو. راڻا تنوير حسين جو هي دورو روم ۾ قائم گڏيل قومن جي ادارن خاص ڪري آءِ ايف اي ڊي، ايف اي او ۽ ڊبليو ايف پي سان پاڪستان جي فعال ۽ مثبت حصيداري جو ثبوت آهي ۽ ٻهراڙي واري معيشت جي مضبوطي، غذائي تحفظ ۽ پائيدار زرعي ترقي لاءِ حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.