اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته صحت ۽ علاج هر انسان جو بنيادي حق آهي، ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. سينيٽ اجلاس ۾ هن چيو ته وڪيل سليمان صفدر طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ جيل جي سمورين سهولتن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي جنهن سان قيد جي اڪيلائي جي بيانيي جي نفي ٿئي ٿي. …
صحت ۽ علاج هر انسان جو بنيادي حق آهي، ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: سينيٽر راڻا ثناءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته صحت ۽ علاج هر انسان جو بنيادي حق آهي، ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. سينيٽ اجلاس ۾ هن چيو ته وڪيل سليمان صفدر طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ جيل جي سمورين سهولتن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي جنهن سان قيد جي اڪيلائي جي بيانيي جي نفي ٿئي ٿي. راڻا ثناءُ الله چيو ته سليمان صفدر جيل ۾ 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذاري ناشتو، ٻنپهرن جي کاڌي، ميڊيڪل سهولتن ۽ مشاورت سميت سمورن انتظامن جو جائزو ورتو ۽ پنهنجي رپورٽ ۾ ان جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته چيف جسٽس، سليمان صفدر ۽ جيل سپرينٽنڊٽ جي رپورٽن کي هڪجهڙو قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني اهو ناهي چيو ته سندس علاج ناهي ڪرايو ويو پر هن صرف فراهم ڪيل علاج تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته جڏهن به شڪايت ڪئي وئي کيس علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي ۽ اک جي تڪليف تي کيس پمز به وٺي ويا. راڻا ثناءُ الله چيو ته ان معاملي تي سياست ڪرڻ مناسب ناهي، جيڪڏهن حڪومت يا جيل انتظاميه طرفان قيدين جي صحت تي سياست ڪرڻ ڏوهه آهي ته علاج ۽ قيد جي معاملي تي سياست ڪرڻ به ڏوهه ئي سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته پمز وفاق جو سڀ کان وڏو طبي ادارو آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪنهن ٻئي بهتر ڊاڪٽر سان به معائنو ڪرائي سگهجي ٿو. هن ٻُڌايو ته سليمان صفدر جي رپورٽ کي ڏسندي سپريم ڪورٽ حڪومت کي هدايت ڏني آهي ۽ اٽارني جنرل عدالت کي خاطري ڪرائي آهي ته پي ٽي آءِ باني جي صحت جي حوالي سان سمورا امڪاني قدم کنيا ويندا. راڻا ثناءُ الله ليڊر آف دي اپوزيشن ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرن کي اپيل ڪئي ته ڪنهن جي صحت تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪي اصول حڪومت تي لاڳو ڪيا وڃن ٿا اهي ئي مخالفن تي به لاڳو ٿين ٿا.











