سينيٽ اجلاس ۾ اخباري ملازمن بابت شرطن وارو ملازمت ترميمي بل 2026ع منظور

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ اخباري ملازمن بابت شرطن وارو ملازمت ترميمي بل 2026ع منظور ڪري ورتو سينيٽ ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري بل ايوان ۾ پيش ڪيو. هي بل ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ مان منظور ٿي چڪو هو جنهن کان پوءِ ان کي حتمي منظوريءَ لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو. بل جو مقصد اخباري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن …

اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ اخباري ملازمن بابت شرطن وارو ملازمت ترميمي بل 2026ع منظور ڪري ورتو سينيٽ ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري بل ايوان ۾ پيش ڪيو. هي بل ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ مان منظور ٿي چڪو هو جنهن کان پوءِ ان کي حتمي منظوريءَ لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو. بل جو مقصد اخباري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي حقن جي تحفظ ۽ ملازمت جي شرطن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ منصفاڻو بڻائڻ آهي ته جيئن ميڊيا ورڪرز کي بهتر قانوني تحفظ ۽ سهولتون فراهم ڪري سگهجن.