حيدرآباد - 12 فيبروري (اي پي پي) ضلعي انتظاميه مٽياري جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل ”مٽياري مووز ميراٿن“ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ميراٿن جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان سان گڏ ڊسٽرڪٽ مينيجمينٽ جي آفيسرن پڻ ميراٿن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ نوجوان رانديگرن ۽ ايٿليٽس شرڪت ڪئي. ميراٿن جو مقصد نوجوانن کي صحتمند ۽ …
مٽياري مووز ميراٿن ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي

مزید خبریں
حيدرآباد – 12 فيبروري (اي پي پي) ضلعي انتظاميه مٽياري جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل ”مٽياري مووز ميراٿن“ ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ميراٿن جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان سان گڏ ڊسٽرڪٽ مينيجمينٽ جي آفيسرن پڻ ميراٿن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ نوجوان رانديگرن ۽ ايٿليٽس شرڪت ڪئي. ميراٿن جو مقصد نوجوانن کي صحتمند ۽ مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جهڙن منفي لاڙن کان پري رکڻ هو.ميراٿن کان پوءِ انعام ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ رانديگرن کي انعام ڏنا ويا. ميراٿن ۾ پهرين پوزيشن روپ چند، ٻي پوزيشن محمد مڱريو ۽ ٽين پوزيشن نجم علي حاصل ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ انعامن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهڙيون سرگرميون نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني صحت لاءِ انتهائي ضروري آهن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه نوجوانن کي مثبت رستن تي آڻڻ ۽ کين تعليم، راندين ۽ صحتمند ماحول سان جوڙڻ لاءِ پرعزم آهي. تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر II اقراءَ جنت، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبد الستار شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر، اسسٽنٽ ڪمشنر سعيد آباد عبد الشڪور، ڊي ايس پي فاطمه نورين، انفارميشن آفيسر زبير ميمڻ سميت ضلعي مٽياري جي ٻين آفيسرن ۽ عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب جي پڄاڻي قومي يڪجهتي ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي جي پيغام سان ڪئي وئي.











