پناهه رڳو مٿي تي ڇت جو نالو نه پر اها صحت، تعليم، تحفظ ۽ معاشي استحڪام قائم ڪرڻ جو بنياد آهي: آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پناهه رڳو مٿي تي ڇت جو نالو نه آهي پر هي اهو بنياد آهي جنهن تي صحت، تعليم، تحفظ ۽ معاشي استحڪام قائم ٿئي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمنٽس فورم (اي پي ايس ايس ايف) 2026ع …

اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پناهه رڳو مٿي تي ڇت جو نالو نه آهي پر هي اهو بنياد آهي جنهن تي صحت، تعليم، تحفظ ۽ معاشي استحڪام قائم ٿئي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمنٽس فورم (اي پي ايس ايس ايف) 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ شيلٽر، انساني وقار ۽ سماجي تبديلي جي وچ ۾ گهري تعلق جو ذڪر ڪندي چيو ته پناهه اها جڳهه آهي جتي خاندان نقصان مان نڪري سنڀلجندا آهن، جتي ٻار پاڻ کي محفوظ محسوس ڪري خواب ڏسن ٿا ۽ جتي ڪميونٽيز گڏجي اڳتي وڌڻ جي طاقت ماڻين ٿيون. خاتون اول پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني جي واعدي اجهو، اٽو، لٽو جو حوالو ڏيندي چيو ته خوراڪ، لباس ۽ رهائش اهو گهٽ ۾ گهٽ وقار آهي جنهن جو هر شهري حقدار آهي. هن شيلٽر جي قدمن ۾ عورتن جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته جڏهن عورتن کي محفوظ گهر، اثاثن تائين پهچ ۽ شموليت حاصل ٿئي ٿي ته ان جا فائدا رڳو گهر تائين محدود نه ٿا رهن، عورتون پنهنجي خاندانن ۾ سيڙپڪاري، سماجي هم آهنگي کي مضبوط ۽ ڊگهي مدي واري ترقي ۾ سڌوسنئون ڪردار ادا ڪن ٿيون. ايس پي ايڇ ايف پروگرام کي موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ بحالي جو هڪ موثر مثال قرار ڏيندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اڄ هي ڏينهن پروگرام دنيا جي سڀ کان وڏي بعد از آفت هائوسنگ بحالي منصوبن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن تحت 21 لک کان وڌيڪ موسمياتي لحاظ کان محفوظ گهرن جي تعمير جو عزم ڪيو ويو آهي جنهن سان سڌوسنئون 1 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو کڻندا. هن چيو ته ان پروگرام جي اصل طاقت رڳو ان جي ماپي ۾ نه آهي پر ان جي اثر ۾ آهي، گهرن ۽ زمين جا مالڪاڻا حق عورتن جي نالي تي ڏنا پيا وڃن، ڪيترين ئي عورتن کي اهو حق پهريون ڀيرو حاصل ٿي رهيو آهي جنهن سان انهن جي وقار، تحفظ ۽ مالي شموليت کي سگهه ملي رهي آهي. خاتون اول چيو ته هي اهڙي بحالي آهي جنهن جو مقصد رڳو عمارتن جي تعمير نه آهي پر زندگين ۽ مستقبل جي بحالي آهي. آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي هڪ پراثر پيغام ڏيندي چيو ته اچو اسان سڀ گڏجي اهڙي مستقبل جي لاءِ ڪم ڪريون جتي هر ٻار هڪ محفوظ ڇت جي هيٺ وڌي ويجهي، هر عورت وقار ۽ تحفظ سان زندگي گذاري ۽ هر ڪميونٽي نه رڳو بحرانن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي هجي پر ان کان اڳتي وڌي ڪري ترقي به رڪي سگهي. تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي اهي ته ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمنٽس فورم شيلٽر ۽ بستين جي شعبي ۾ ڳالهه ٻولهه، هم آهنگي ۽ عملي حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ خطي جو هڪ نمايان پليٽ فارم آهي. ٽن ڏينهن واري فورم ۾ 41 ملڪن مان اٽڪل 600 ماهرن، پريڪٽيشنرز، ترقياتي حصيدارن ۽ تبديلي جي علمبردارن شرڪت ڪئي جڏهن ته قومي سطح تي هائوسنگ، شيلٽر ۽ سيٽلمنٽس ۽ ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ بابت سينيئر سرڪاري آفيسر، سيڪريٽريز ۽ ادارن جا سربراهه پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.