اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عليمه خان ۽ باني پي ٽي آءِ جي ٻين فيملي ميمبرن پاران باني پي ٽي آءِ سان جيل ۾ مبينا سختي ۽ نامناسب حالتن بابت ڦهلايو ويندڙ جعلي بيانيو اڄ ختم ٿي ويو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته روزاني جي …
باني پي ٽي آءِ سان جيل ۾ مبينا سختي ۽ نامناسب حالتن بابت ڦهلايو ويندڙ جعلي بيانيو اڄ ختم ٿي ويو آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عليمه خان ۽ باني پي ٽي آءِ جي ٻين فيملي ميمبرن پاران باني پي ٽي آءِ سان جيل ۾ مبينا سختي ۽ نامناسب حالتن بابت ڦهلايو ويندڙ جعلي بيانيو اڄ ختم ٿي ويو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته روزاني جي معمولات ۽ ڊائيٽ پلان جي حوالي سان رپورٽ ۾ رهڻي ڪهڻي ۽ کاڌي پيتي بابت تفصيلن سمورا ابهام ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته باني چيئرمين کي سموريون سهولتون ميسر آهن ۽ کيس ڪنهن عام قيدي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مراعتون حاصل آهن.











