اسلام آباد -12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بحرين جي هم منصب ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ هن اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. بحرين جي گهرو وزير ڌماڪي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي مائٽن ۽ متاثرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هيو ته مسجد …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان بحرين جي هم منصب جو ٽيليفونڪ رابطو، اسلام آباد ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد -12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان بحرين جي هم منصب ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ هن اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. بحرين جي گهرو وزير ڌماڪي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي مائٽن ۽ متاثرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هيو ته مسجد تي حملو رڳو پاڪستان تي نه پر انسانيت خلاف حملو آهي. بحرين هر طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون عظيم قربانيون آهن. گهرو وزير محسن نقوي يڪجهتي جي پيغام تي پنهنجي بحرين جي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته بحرين هميشه هر آزمائش ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن زور ڀريو ته پاڪستان دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن . هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سموري قوم دشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي. محسن نقوي عالمي سطح تي دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان ختم ڪرڻ لاءِ مربوط ۽ بهتر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.











