سڄي ملڪ جي 12 هزار 665 فيڊرز مان 2 هزار کان وڌيڪ فيڊرز تي 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي: اويس احمد لغاري

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ جي 12 هزار 665 فيڊرز مان 2 هزار کان وڌيڪ فيڊرز تي 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع جي وچ ڌاري بجلي صارفين 8 ارب 78 ڪروڙ 7 لک 111 يونٽ بجلي استعمال ڪئي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران لکت …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس احمد لغاري قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ جي 12 هزار 665 فيڊرز مان 2 هزار کان وڌيڪ فيڊرز تي 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع جي وچ ڌاري بجلي صارفين 8 ارب 78 ڪروڙ 7 لک 111 يونٽ بجلي استعمال ڪئي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي 814 مان 604 فيڊرز تي 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ آهي، سيپڪو جي 707 مان 407 فيڊرز تي 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ آهي. ٽيسڪو جي 357 مان 174، پيسڪو جي 1376 مان 642 فيڊرز تي 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. حيسڪو جي 747 مان 322، هزاره اليڪٽرڪ ڪمپني جي 286 مان 37 فيڊرز تي 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ليسڪو، آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جي ڪنهن فيڊر تي 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ناهي. جولاءِ کان ڊسمبر 2025ع دوران بجلي صارفين 8 ارب 78 ڪروڙ 7 لک 111 يونٽ بجلي استعمال ڪئي. 11 ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صارفين جو مجموعي انگ 3 ڪروڙ 92 لک 20 هزار 38 آهي. سڄي ملڪ ۾ بجلي جي پروٽيڪٽڊ صارفين جو انگ 2 ڪروڙ 15 لک 50 هزار تائين پهچي ويو. آڪٽوبر 2021ع ۾ پروٽيڪٽڊ صارفين جو انگ 95 لک هو. ڊسمبر 2025ع تائين سڄي ملڪ ۾ نيٽ ميٽرنگ جي صلاحيت 7 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي. آف گرڊ سولر جي صلاحيت 12.62 ميگاواٽ تائين پهچي وئي. ٻن سالن ۾ بجلي جي پهچ وارا نقصان 600 ارب روپين کان وڌي چڪا آهن، مالي سال 25-2024ع ۾ بجلي جي پهچ وارا نقصان 284 ارب روپيا رهيا. مالي سال 24-2023ع ۾ پهچ وارا نقصان 322 ارب روپيا هئا. لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جي پهچ وارا نقصان 96 ارب روپين تائين پهچي ويا، ڪيسڪو 51، ليسڪو 46 ارب، سيپڪو 37 ارب، جڏهن ته حيسڪو جي پهچ وارا نقصان 22 ارب روپيا آهن.