وزيراعظم جي هدايت تي نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان فيصلن تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي: وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري  چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان فيصلن تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي، سولر جي مجموعي 20 کان 22 هزار ميگاواٽ پيداوار  ۾ اٽڪل 6 کان 7 هزار ميگاواٽ جيڪو نيٽ ميٽرنگ نظام سان ڳنڍيل آهي، جي قيمتن جو نظام مناسب ۽ منصفاڻو هجڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نيٽ ميٽرنگ بابت تازن …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري  چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان فيصلن تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي، سولر جي مجموعي 20 کان 22 هزار ميگاواٽ پيداوار  ۾ اٽڪل 6 کان 7 هزار ميگاواٽ جيڪو نيٽ ميٽرنگ نظام سان ڳنڍيل آهي، جي قيمتن جو نظام مناسب ۽ منصفاڻو هجڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نيٽ ميٽرنگ بابت تازن فيصلن جي حوالي سان ڊاڪٽر شرميلا فاروقي ۽ ٻين جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير ايوان کي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ان حوالي سان بحث ٿي رهيو آهي، سينيٽ ۾ قرارداد به پيش ٿي جنهن کي ايوان رد ۽ اسان جي موقف کي درست تسليم ڪيو، 9 ، 10 مهينا پهرين به ان معاملي تي بحث ٿيو هو، اي سي سي ان حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏني، هن چيو ته 2017ع ۾ نيٽ ميٽرنگ جو نظام متعارف ٿيو، ان وقت نيٽ ميٽرنگ جي ريگوليشنز متعارف ڪرايون ويون، چار 5 ڀيرا ريگوليٽرز ان ۾ تبديليون ڪيون ۽ هي آئيني طور تي ريگوليٽرز جو اختيار آهي جڏهن ته حڪومت کي اپيل جو حق حاصل آهي، ان تي تمام گهڻي واويلا ٿي آهي ۽ ماڻهن تنقيد ڪئي ته هي عوام جي مفاد ۾ ناهي، سمورين سياسي پارٽين به ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته انهن قدمن کي واپس ورتو وڃي ڇاڪاڻ ته هي متبادل توانائي کي هٿي ڏيڻ جي پاليسي خلاف آهي. وفاقي وزير چيو ته پوري پاڪستان ۾ هن وقت سولر جي مد ۾ پيداوار جو ڳاڻيٽو 20 کان 22 هزار ميگاواٽ آهي، ان ۾ اٽڪل 6 کان 7 هزار ميگاواٽ نيٽ ميٽرنگ نظام سان ڳنڍيل آهي، ان مان 22 سئو ميگاواٽ صنعتي ۽ گهريلو صارفين جو حصو 4 هزار ميگاواٽ جي ويجهو آهي، ان 7 هزار ميگاواٽ جي اندر 4 لک 66 هزار صارفين نيٽ ميٽرنگ جا مالڪ آهن، نيپرا جي تازن قدمن سان عام ماڻهن ۽ صارفين تي ڪو به فرق نه پوڻ وارو هو. هن چيو ته گذريل سال بجلي جي مجموعي پيداوار ۾ 55 سيڪڙو ڪلين انرجي شامل هئي جيڪا عالمي معيار موجب هئي، گذريل مالي سال ۾ 0.001 سيڪڙو فرنس آئل به استعمال نه ٿيو آهي، اهڙي طرح درآمدي ٻارڻ تي ڀاڙڻ ختم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ريگوليٽرز کي چيو آهي ته فيئر پرائس جو طريقيڪار جوڙيو وڃي، جيڪڏهن سولر تي سيڙپڪاري سان 50 سيڪڙو ريٽرن ملي رهيو آهي ته منافعي ۾ جائز گهٽتائي آڻڻ ۾ ڪو هرج ناهي، جيڪا بجلي پوري گرڊ تي خريد ڪئي پئي وڃي ان جي سراسري قيمت 8.31 روپيا آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي نيٽ ميٽرنگ جي حوالي سان فيصلن کي روڪيو ويو آهي ۽ هي به فيصلو ٿيو آهي ته هڪ مهيني ۾ ريگوليٽرز کي اپيل داخل ڪئي وڃي، ساڍا 3 ڪروڙ صارفين تي ساڍا 4 لک ماڻهن جو بار نه وجهڻ گهرجي. هن چيو ته 50 سيڪڙو کان منافعو گهٽجي 37 سيڪڙو ٿيڻ ۾ ڪو به مسئلو نه هجڻ گهرجي. نيٽ بلنگ تي صنعتي صارفين کي ڪو اعتراض ناهي. وزيراعظم ريويو فائل هجڻ کانپوءِ بار کي باقي شعبن تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي آهي. شرميلا فاروقي جي سوال تي هن چيو ته وزيراعظم پهرين ئي قدمن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي، مون ڪنهن به مرحلي تي اها ڳالهه ناهي ڪئي ته پاور سيڪٽر ۾ مسئلا ناهن، اسان هڪ سال ۾ 780 ارب روپيا گردشي قرض گهٽ ڪيو آهي، آءِ پي پيز سان 3400 ارب روپين تي ڳالهيون ڪيون، وزيراعظم جي هڪ رشتيدار جي آءِ پي پي سان ڳالهيون ڪري 100 ارب گهٽتائي آندي وئي جنهن کي وزيراعظم ساراهيو به آهي، چوري جي روڪٿام ۽ ريڪوري ۾ به بهتري آئي آهي، صارفين تي 197 ارب روپين جو بار گهٽايو ويو، بجلي جي اگهن ۾ 18 کان 19 سيڪڙو تائين گهٽتائي آندي وئي آهي، صنعتي صارفين لاءِ قيمتن ۾ 38 سيڪڙو تائين گهٽتائي آندي وئي آهي، گهريلو ۽ زرعي صارفين کي به رليف فراهم ڪيو ويو آهي.