جاري مالي سال جي پهرين 6 ماهي دوران 1412 ارب روپين جا زرعي قرض جاري ڪيا ويا: اسٽيٽ بئنڪ جوگورنر

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي)اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته جاري مالي سال جي پهرين 6 ماهي دوران 1412 ارب روپين جا زرعي قرض جاري ڪيا ويا، قرض وٺندڙن جو انگ وڌي 2.97 ملين ٿي ويو آهي. هن اها ڳالهه زرعي قرضه مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس ۾ زرعي قرضن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. هن ٻڌايو ته مالي سال 25 …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي)اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته جاري مالي سال جي پهرين 6 ماهي دوران 1412 ارب روپين جا زرعي قرض جاري ڪيا ويا، قرض وٺندڙن جو انگ وڌي 2.97 ملين ٿي ويو آهي. هن اها ڳالهه زرعي قرضه مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس ۾ زرعي قرضن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. هن ٻڌايو ته مالي سال 25 ۾ 2.58 ٽريلين روپين جا رڪارڊ زرعي قرض ورهايا ويا جيڪي سالياني بنيادن تي 16 سيڪڙو اضافو آهي.  اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر زرعي قرضن تائين پهچ وڌائڻ لاءِ زرخيز – اي اسڪيم جي استعمال تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ڪلي معيشت جو استحڪام ٻيهر حاصل ڪري ورتو، معيشت پائيدار ترقي طرف گامزن آهي، مالي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ جي ڊي پي جي اوسر 3.7 سيڪڙو رهي، سڄي سال جو ڪاٿو 3.75 کان 4.75 سيڪڙو آهي، جميل احمد چيو ته جنوري 2026ع ۾ عمومي مهانگائي گهٽجي 5.8 سيڪڙو تي اچي وئي، اجلاس ۾ پوسٽ هارويسٽ ليڪويڊٽي وڌائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوس ريسيٽ فنانسنگ کي هٿي ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرانڪ ويئر هائوس ريسيٽ فنانسنگ جو مقصد فصلن جي مجبوري ۾ وڪرو ڪرڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ زرعي مارڪيٽ جي گڏيل رابطن کي مضبوط بڻائڻ آهي.