اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال وفاقي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ بنيادي صحت مرڪزن کي مضبوط ڪرڻ اولين ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته موجوده نظام ۾ اصل کوٽ انهي سطح تي ڏٺي ويندي آهي. اهڙو اظهار هن پرائمري هليٿ ڪيئر جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن …
پاڪستان ۾ صحت جي نظام جي بهتري لاءِ بنيادي صحت مرڪزن کي مضبوط ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال وفاقي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ بنيادي صحت مرڪزن کي مضبوط ڪرڻ اولين ترجيح آهي ڇاڪاڻ ته موجوده نظام ۾ اصل کوٽ انهي سطح تي ڏٺي ويندي آهي. اهڙو اظهار هن پرائمري هليٿ ڪيئر جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت ان حقيقت کان چڱي ريت آگاهه آهي ته ملڪ ۾ صحت جو نظام ان انداز ۾ ڪم نه ڪري رهيو آهي جيئن ان کي ڪرڻ گهربو هو، خاص ڪري بينادي صحت جي سهولتن ۾ موجود خال سبب عوام سڌي ريت وڏي ۽ ٽئين درجي جي علائقائي اسپتالن جو رخ ڪري ٿي جنهن سان اهي ادارا غير ضروري بار جو شڪار ٿي ويندا آهن. هن چيو ته ٽئين درجي جي اسپتالن ۾ ايندڙ 70 سيڪڙو مريض اهڙا هوندا آهن جن جو علاج بنيادي يا ثانوي سطح تي ممڪن هو پر گهرن کان اسپتال تائين جي سفر ۾ مناسب سهولت نه هجڻ سبب هو وڏين اسپتالن تائين پهچي ويندا آهن. ان صورتحال جي ذميوار عوام نه پر نظام ۾ موجود خال آهي جنهن کي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدمن ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت نمائشي منصوبن بدران ٺوس ۽ وڏن سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، ويزن اهو آهي ته مستقبل ۾ ريفرل سسٽم کي موثر بڻايو وڃي ته جيئن صرف اهي ئي مريض ٽئين درجي جي اسپتالن ۾ وڃن جن کي باقاعده ريفر ڪيو ويو هجي يا جڏهن 90 سيڪڙو مريضن جو علاج سندن گهرن جي ويجهو بنيادي صحت مرڪزن ۾ ممڪن بڻايو وڃي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽائيزيشن ذريعي ان خال کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ڪورونا وبا دوران ٽيلي ميڊيسن جي افاديت سڄي دنيا ۾ ثابت ٿي، انهي ڏس ۾ وفاقي حڪومت 10 بنيادي صحت مرڪزن ۾ ٽيلي ميڊسن جو پائليٽ منصوبو شروع ڪيو آهي جن ۾ 6 اسلام آباد ۽ 4 ڪراچي ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته انهن مرڪزن ۾ مقامي عملي کي تربيت ڏئي کين آن لائن ماهر ڊاڪٽرن سان ڳنڍيو ويو آهي ته جيئن مريضن کي ماهر طبي راءِ فراهم ڪري سگهجي، ان نظام تحت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرز به خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هڪ موقعي تي ڏورانهن علائقي جي مريض جو معائنو قطر (دوحه) ۾ موجود عورت ڊاڪٽر آن لائن ڪيو جيڪو ان نظام جي موثريت جو عملي ثبوت آهي. اهڙين مستند عورت ڊاڪٽرز کي به نظام جو حصو بڻايو پيو وڃي جيڪي ذاتي سببن جي بنياد تي عملي ميدان ۾ موجود نه هيون پر هاڻي هو گهرن مان آن لائن خدمتون فراهم ڪري رهيون آهن. صحت واري وزير چيو ته مختلف شعبن ۾ ماهرن هفتيوار بينادن تي دستياب هوندا ته جيئن ٻارن، عورتن ۽ ٻين مريضن کي وقت سر رهنمائي ملي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي اٽڪل 24 ڪروڙ آهي ۽ هر سال 61 لک 90 هزار ٻار پيدا ٿي رهيا آهن جيڪي اٽڪل هڪ نئين ملڪ جي آبادي جي برابر آهي، انهن ٻارن کي حڪومت طرفان 13 مختلف ويڪسين فراهم ڪئي ويندي آهي، ان جي باوجود 4 لک کان وڌيڪ ٻار زيرو ڊوز ڪيٽيگري ۾ شامل آهن جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن افسوسس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 11 هزار مائرون حمل يا ويم دوران زندگي جي بازي هارائي وينديون آهن جيڪو انتهائي سنگين مسئلو آهي، هر 10 هزار ويم ۾ اٽڪل 400 موت جو تناسب ڪنهن به مهذب معاشري لاءِ قبولڻ جوڳو ناهي، هن جو چوڻ هو ته ڪنهن سانحي ۾ ڪجهه درجن قيمتي حياتيون ضايع ٿيڻ تي پوري قوم سوڳوار ٿي ويندي آهي پر ماءُ ۽ ٻار جي صحت سان جڙيل ان مسلسل نقصانن تي به ان سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت بنيادي صحت جي نظام جي بهتري، موثر ويڪسينيشن، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي تحفظ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي صحت جي شعبي ۾ وڏن سڌارن لاءِ پرعزم آهي ۽ دانشورن، ماهرن ۽ پاليسي سازن جي مشاورت سان ان مشن کي اڳتي وڌايو ويندو.











