سپريم ڪورٽ ۾ توشاخانه فوجداري ڪيس جي ٽرائل خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ مناسب سهولتن جي فراهمي تي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته رياست طرفان پنهنجون ذميواريون بهترين طريقي سان ادا ڪرڻ واکاڻ جوڳو آهي، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني خلاف توشاخانه فوجداري ڪيس جي ٽرائل خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جڏهن ته جيل ۾ صحت ۽ ٻين سهولتن بابت معاملي …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ مناسب سهولتن جي فراهمي تي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو آهي ته رياست طرفان پنهنجون ذميواريون بهترين طريقي سان ادا ڪرڻ واکاڻ جوڳو آهي، سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني خلاف توشاخانه فوجداري ڪيس جي ٽرائل خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جڏهن ته جيل ۾ صحت ۽ ٻين سهولتن بابت معاملي ۾  سندس اکين جو طبي معائنو 16 فيبروري کان اڳ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گذريل ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر سلمان صفدر ۽ اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت پي ٽي آءِ باني کي سندس ٻارن سان ٽيليفون تي ڳالهه ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته اهو عمل 16 فيبروري کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته سمورن حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جيل ۾ حفاظتي انتظامن ۽ کاڌي پيتي جي سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بئريسٽر سلمان صفدر عدالت ۾ رپورٽ ۾ شامل سفارشون پڙهي ٻڌايون ۽ گذارش ڪئي ته طبي معائنو خاندان جي ڪنهن فرد جي موجودگي ۾ ڪرايو وڃي، جڏهن ته عدالت اها درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر ڪتابن جي مطالعي جي سفارش ڪندا ته ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته رپورٽ ۾ پيش ڪيل ٻين سفارشن جو پاڻ جائزو وٺندس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين ڪجهه معاملا التوا ۾ رکيا ويندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي صحت جو معاملو سڀ کان اهم آهي ۽ عدالت ان حوالي سان مناسب حڪم جاري ڪندي. سندس چوڻ هو ته صحت جي معاملي تي حڪومت جو موقف ڄاڻڻ پڻ ضروري آهي. اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته قيدين کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو قيدي مطئمن ناهي ته رياست وڌيڪ قدم کڻڻ جي پابند آهي. چيف جسٽس  پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي ٻارن سان ٽيليفونڪ رابطي واري معاملي کي پڻ اهم قرار ڏيندي چيو ته عدالت حڪومت تي اعتماد ڪري رهي آهي. سپريم ڪورٽ فرينڊ آف دي ڪورٽ جي ذميواري اثرائتي انداز ۾ ادا ڪرڻ تي بئريسٽر سلمان صفدر جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هن پنهنجي ذميواري بهترين طريقي سان ادا ڪئي آهي، عدالت فرينڊز آف دي ڪورٽ جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته حڪومت پاران سهولتن جي فراهمي پڻ تعريف جوڳي آهي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر سلمان صفدر ٻڌايو ته هن کي ان ڪيس جي حوالي سان سئو کان وڌيڪ فون ڪالز ۽ پيغام مليا آهن، جڏهن ته هن انهن کي عدالت جي امانت قرار ڏيندي ڪنهن سان تفصيل شيئر نه ڪيا آهن.ايستائين جو پنهنجي زال کي به ان حوالي سان ڪجهه ناهي ٻڌايو.