عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن پاران عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو) عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوتن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورتون ملڪ جي تعمير، معيشت ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. گذريل ڏينهن 12 فيبروري تي عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي جاري پيغام ۾ اين سي ايس …

اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو) عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوتن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورتون ملڪ جي تعمير، معيشت ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. گذريل ڏينهن 12 فيبروري تي عورتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي جاري پيغام ۾ اين سي ايس ڊبليو جي چيئرپرسن امه ليله اظهر چيو ته قانون سازي باوجود حقيقي برابري هن وقت تائين مڪمل طور تي حاصل ناهي ٿي سگهي. هن گهٽ عمر جي شادي کي عورتن جي حقن، تعليم ۽ صحت لاءِ سنگين خطرو قرار ڏيندي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا حڪومتن تي زور ڀريو آهي ته شادي جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪرڻ جو قانون فوري منظور ڪيو وڃي. ڪميشن عزم ظاهر ڪيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ، برابر موقعن جي فراهمي ۽ معاشي ۽ سماجي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. چيئرپرسن سمورن ادارن ۽ شهرين کان هڪ محفوظ ۽ برابر پاڪستان لاءِ گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي.