صدر آصف علي زرداري پاران شدت پسندي ۽ تشدد جي سببن کي منهن ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شدت پسندي ۽ تشدد جي سببن کي منهن ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پائيدار امن تعليم، ڳالهه ٻولهه، معاشي موقعن، بهتر طرز حڪمراني، گڏيل احترام ۽ سماجي هم آهنگي جي فروغ سان ئي ممڪن آهي. تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو …

اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شدت پسندي ۽ تشدد جي سببن کي منهن ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پائيدار امن تعليم، ڳالهه ٻولهه، معاشي موقعن، بهتر طرز حڪمراني، گڏيل احترام ۽ سماجي هم آهنگي جي فروغ سان ئي ممڪن آهي. تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان امن، برداشت ۽ گڏيل احترام جي فروغ ۽ انهن بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو جيڪي شدت پسندي ۽ تشدد کي جنم ڏين ٿا، تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي انساني وقار جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ انصاف، همدرديءَ ۽ انساني حقن جهڙن عالمگير قدرن جي واضح توهين جي برابر آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي تشدد جي خاتمي بابت ڪنوينشن ۽ ٻين ظالماڻي، غيرانساني يا توهين آميز سلوڪ يا سزا (سي اي ٽي)، شهري ۽ سياسي حقن بابت عالمي ميثاق (آءِ سي سي پي آر) ۽ نسل تي ٻڌل هر قسم جي امتياز جي خامي جي عالمي ڪنوينشن (آءِ سي اي آر ڊي) جي ڌر آهي ۽ ان تحت پنهنجي ذميوارين تي ڪاربند آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2250 (2015ع) موجب پرتشدد ۽ انتهاپسندي جي حوالي سان قومي انتهاپسندي جي خاتمي واري پاليسي (2024ع) ان سمجهه جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي مشن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. اها پاليسي ردعمل سان فعال روڪٿام طرف هڪ اسٽريٽجڪ تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿي جيڪا گڏيل احترام، انساني حقن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف جي اصولن تي ٻڌل آهي، اها پاليسي اجتماعيت جي موقف کي اختيار ڪري ٿي. صدر چيو ته انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ ۽ برداشت کي فروغ ڏيڻ اسلامي تعليم ۽ انساني حقن بابت عالمگير پڌرنامي، ٻنهي ۾ مضبوط بند رکي ٿو. اسلام انساني وقار، برابري ۽ سمورن انسانن جي وچ ۾ پرامن گڏيل بقاءَ تي زور ڏي ٿو. اهڙي طرح انساني حقن بابت عالمگير پڌرنامو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته سمورا انسان بنا ڪنهن فرق جي پيدائشي طور تي وقار ۽ حقن ۾ آزاد ۽ برابر آهن. اهي اصول واضح ڪن ٿا ته انتهاپسندي جي روڪٿام هڪ اخلاقي ۽ شهري فرض آهي جيڪو معاشرن ۽ قومن جي وچ ۾ امن، انصاف ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي عوام، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ان خطري کي منهن ڏيندي غيرمعمولي حوصلي ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان جو پختو يقين آهي ته پائيدار امن تعليم، ڳالهه ٻولهه، معاشي موقعن، بهتر طرز حڪمراني ۽ گڏيل احترام ۽ سماجي هم آهنگي جي فروغ سان ئي ممڪن آهي. اسان تشدد ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام جي لاءِ قانوني خدشن، اداراجاتي سڌارن ۽ صلاحيت سازي کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکيون آهن. هن چيو ته اسان کي تڪرار وارن علائقن ۽ جابراڻن  نظامن تحت انتهاپسندي جي مسلسل ۽ منظم استعمال تي پڻ گهري ڳڻتي آهي. خاص طور تي عالمي برادري جو ڌيان انهن بيگناهه شهرين، خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن، جي خراب حالت طرف ڇڪرايون ٿا جيڪي ڪشمير ۽ فلسطين جهڙي غيرقانوني طور تي والاريل علائقن ۾ انتهاپسندي، من ماني حراست ۽ عدالت کان مٿانهين قدمن کي منهن ڏئي رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان ان ڳالهه تي پختو يقين رکون ٿا ته تشدد تي ٻڌل انتهاپسندي جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل عالمي قدم لازمي آهن. عالمي برادري کي گڏيل ذميواري، خودمختياري جي احترام ۽ عالمي قانون جي پاسداري جي بنياد تي تعاون کي فروغ ڏيڻ گهرجي. انتهاپسندي جي خاتمي جون ڪوششون ڪنهن مذهب، ثقافت يا برادري کي بدنام ڪرڻ بدران تفهيم، شموليت ۽ گهڻ طرفي احترام کي اڳتي وڌائين. هن چيو ته ان موقعي تي پاڪستان ان عالمي عزم جي ورجاءُ جو مطالبو ڪري ٿو ته دهشتگردي کي جنم ڏيندڙ صورتحال کي منهن ڏنو وڃي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، نفرت انگيز تقريرن ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جو موثر خاتمو ڪيو وڃي ۽ خاندانن ۽ برادرين کي انتهاپسند بيانيي جي خلاف پهرين دفاعي ديوار جي طور تي مضبوط بڻايو وڃي. صدر چيو ته اچو گڏجي اهڙي دنيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪريون جتي اسان جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ تشدد تي پرامن، ورڇ تي ڳالهه ٻولهه ۽ نفرت تي اميد کي غلبو حاصل هجي.