صدر آصف علي زرداري پاران ڪينيڊا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ جاني نقصان تي حڪومت ۽ عوام سان ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري برٽش ڪولمبيا جي علائقي ٽمبلر رج ۾ فائرنگ جي افسوسناڪ واقعي تي ڪينيڊا جي حڪومت ۽ عوام سان گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدار جي پريس ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر جاني نقصان سميت ڪيترن ئي شاگردن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن رائل …

اسلام آباد- 12 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري برٽش ڪولمبيا جي علائقي ٽمبلر رج ۾ فائرنگ جي افسوسناڪ واقعي تي ڪينيڊا جي حڪومت ۽ عوام سان گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدار جي پريس ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر جاني نقصان سميت ڪيترن ئي شاگردن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن رائل ڪينيڊين ماؤنٽڊ پوليس ۽ ايمرجنسي اهلڪارن جي جرئت ۽ فوري ڪارروائي کي به خراج تحسين پيش ڪيو جن صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان غم جي هِن گهڙي ۾ پنهنجي ڪينيڊين ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت هر قسم جي تشدد جي قدمن جي مذمت ۽ امن ۽ رواداري جي فروغ لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪري ٿو.