حڪومت ملڪ ۾ وينچر ڪيپيٽل ۽ جدت جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي گوبي پارٽنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي کي هٿي وٺرائڻ، مالياتي مارڪيٽن کي گهرو ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل معاشي تنوع جي حمايت جي وسيع حڪومتي حڪمت عمليءَ تحت پاڪستان ۾ وينچر ڪيپيٽل ۽ جدت جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گوبي پارٽنرز جي وفد سان ملاقات ۾ …

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي کي هٿي وٺرائڻ، مالياتي مارڪيٽن کي گهرو ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل معاشي تنوع جي حمايت جي وسيع حڪومتي حڪمت عمليءَ تحت پاڪستان ۾ وينچر ڪيپيٽل ۽ جدت جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن گوبي پارٽنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي، جنهن جي قيادت چيئرمين ٿامس سائو ڪري رهيو هو. وفد ۾ مئنيجنگ پارٽنر نائل اڪرام ۽ انويسٽمينٽ ايسوسيئيٽ ابريز عبدالله به شامل هو. وفد جي آجيان ڪندي وفاقي وزير پاڪستان جي وينچر ڪيپيٽل ايڪو سسٽم ۾ گوبي پارٽنرز جي دلچسپيءَ کي ساراهيو ۽ سڄي ايشيا ۾ ان اداري جي موجودگيءَ جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته حڪومت نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي کي هٿي وٺرائڻ، مالياتي مارڪيٽن کي گهرو ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل معاشي تنوع جي حمايت جي وسيع حڪومتي حڪمت عمليءَ تحت پاڪستان ۾ وينچر ڪيپيٽل ۽ جدت جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن واضح ڪيو ته اسٽارٽ اپ ۽ ڪاروباري شعبي جي توسيع ۽ پائيدار روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ رسڪ ڪيپيٽل تائين پهچ نهايت اهميت رکي ٿي. وفد ناڻي واري وزير کي گوبي پارٽنرز جي علائقائي نيٽ ورڪ ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪشيلا فنڊ اول ذريعي ڪيل سيڙپڪاري کان آگاهه ڪيو جيڪو 2020ع ۾ قائم ڪيو ويو هو ۽ جنهن فن ٽيڪ، اِي ڪامرس ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ مختلف اسٽاف اپس جي معاونت ڪئي آهي. گوبي پارٽنرز ٽيڪشيلا فنڊ ٻئي بابت منصوبي کان به آگاهه ڪيو جنهن جو ڪاٿو 50 ملين ڊالر آهي ۽ جنهن جو مقصد فن ٽيڪ، لاجسٽڪس، هيلٿ ٽيڪنالاجي ۽ سافٽ ويئر سروسز جهڙيون بلند صلاحيتون رکندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ آهي. اداري ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي سرمايي سان ان فنڊ جو بنياد رکندو ۽ ملڪي ۽ عالمي اداري جاتي سيڙپڪارن جي شرڪت کي به متحرڪ ڪندو. وفد پاڪستان ۾ وينچر ڪيپيٽل لاءِ سازگار فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ڪلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ، ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ ۽ ٽيڪس پاليسي ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت بابت سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي اُڀرندڙ وينچر ڪيپيٽل ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل مالياتي ايڪو سسٽم جي حمايت لاءِ گڏيل رابطن ۽ سهڪار کي مسلسل جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.