حڪومت سموريون ادائگيون وقت سر ۽ سٺي طريقي سان ڪري رهي آهي: ناڻي واري وفاقي وزير جي عالمي سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سموريون ادائگيون وقت سر ۽ سٺي طريقي سان ڪري رهي آهي ۽ منظور ٿيل پروگرامن تحت عالمي مارڪيٽن تائين پهچ جا امڪان تلاش ڪري رهي آهي جن ۾ پهريون پانڊا بانڊ ۽ گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ فريم ورڪ شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي سيڙپڪارن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد …

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سموريون ادائگيون وقت سر ۽ سٺي طريقي سان ڪري رهي آهي ۽ منظور ٿيل پروگرامن تحت عالمي مارڪيٽن تائين پهچ جا امڪان تلاش ڪري رهي آهي جن ۾ پهريون پانڊا بانڊ ۽ گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ فريم ورڪ شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي سيڙپڪارن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد ۾ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن، برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ بالتورو ڪيپيٽل جا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ نجي شعبي جي قيادت ۾ ترقي کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا جي حمايت ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. وفاقي وزير انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن، برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي پاڪستان جو پُراڻو ترقياتي ڀائيوار قرار ڏيندي خاص ڪري نجي شعبي جي مالي معاونت ۽ مقامي ڪرنسيءَ ۾ سيڙپڪاريءَ جي قدمن جي حوالي سان ان جي وڌندڙ شموليت جي آجيان ڪئي. ڳالهين ۾ نجي شعبي جي سرمايي کي تحفظ ۽ـ ان ۾ توسيع، خودمختيار خطرن ۾ گهٽتائي ۽ جديد مقامي ڪرنسي فنانسنگ طريقيڪار ذريعي نجي شعبي جي شراڪت وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. سينيٽر اورنگزيب ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان گذريل 18 مهينن دوران معاشي استحڪام جي بحاليءَ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن ڪرنسي جي استحڪام ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتريءَ جو ذڪر ڪيو جن جي سال جي پڄاڻيءَ تائين اٽڪل 3 مهينن جي آمدني واپار جي برابر ٿيڻ جي اميد آهي. هن سيڙپڪاريءَ جي خساري کي گهٽ ڪرڻ ۽ وڌيڪ مستحڪم ۽ اڳڪٿي جوڳي معاشي ماحول جي قيام لاءِ حڪومتي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. هن وفد کي پاڪستان جي جاري واپاري آزادين جي پروگرامن بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ چٽاڀيٽي کي وڌائڻ ۽ پُراڻين خدشن وارين رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ ٽيرف کي معقول بنائڻ شامل آهي. هن چيو ته ان سڌاراتي رستي جو مقصد پاڪستان کي ڪامياب ڏکڻ اوڀر ايشيائي معيشتن جي طرز تي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ آهي. ڳالهين ۾ توانائيءَ جي شعبي جي سڌارن، ٽيڪس پاليسيءَ ۾ بهتري ۽ ٽيڪس انتظاميه جي ڪارڪردگي ۾ اضافي جي قدمن تي به ڳالهيون ٿيون. مالياتي محاذ تي وفاقي وزير وفد کي ٻُڌايو ته حڪومت سموريون ادائگيون وقت سر ۽ سٺي طريقي سان ڪري رهي آهي ۽ منظور ٿيل پروگرامن تحت عالمي قرض مارڪيٽن تائين پهچ جا امڪان تلاش ڪري رهي آهي. عالمي ادارن جي نمائندن پاڪستان جي سڌاراتي ۽ سيڙپڪاري ايجنڊا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ترقياتي ڀائيوار هاڻي تيزيءَ سان نجي شعبي جي ڀائيواريءَ کي متحرڪ ڪرڻ، واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ بنيادي ڍانچي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن، وچولي درجي جي ادارن، روزگار جي موقعن ۽ معاشي تنوع ۾ نجي ايڪويٽي سيڙپڪاري جي سهولت ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙ ملڪي ۽ پرڏيهي سرمايي کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ بابت ٽيڪس ڍانچن کي معقول بڻائڻ ۽ پائيدار سرمايي جي جوڙجڪ لاءِ نجي ايڪويٽي پليٽ فارمز جي پائيپ لائن تيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هنن ٽيڪس سڌارن، سيڙپڪاريءَ جي سهولتڪاري ۽ مجموعي ڪاروباري ماحول کي بهتر بنائڻ جي حوالي سان حڪومت سان مسلسل سهڪار جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو.