وزيراعظم طرفان ترلائي ڌماڪي جي شهيد عون عباس جي پونئيرن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا، ٻين شهيدن لاءِ في ماڻهو 50 لک رپين جو اعلان سٺو قدم آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم طرفان ترلائي ڌماڪي جي شهيد عون عباس جي پونئيرن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا، ٻين شهيدن لاءِ في ماڻهو 50 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان هڪ سٺو قدم آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهو فيصلو ان عزم جو اظهار آهي ته …

اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم طرفان ترلائي ڌماڪي جي شهيد عون عباس جي پونئيرن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا، ٻين شهيدن لاءِ في ماڻهو 50 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 10 لک رپيا مالي امداد جو اعلان هڪ سٺو قدم آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهو فيصلو ان عزم جو اظهار آهي ته رياست پنهنجي بهادر شهيدن ۽ سندن پونئيرن کي ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. شهيدن جون قربانيون قوم هميشه ياد رکندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جاري رهندي. وزيراعظم شهباز شريف امام بارگاهه جو به دؤرو ڪيو ۽ وارثن سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي محسن نقوي، طلال چوڌري ۽ پارليامينٽ جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.