اسلام آباد - 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان سرحدي انتظام، دهشتگردي جي خاتمي ۽ پنهنجي گڏيل سرحد کي تعاون، قانوني واپار ۽ ترقي جي زون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان عالمي سطح تي متوازن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ علائقائي امن جي فروغ جي …
پاڪستان ۽ ايران پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان سرحدي انتظام، دهشتگردي جي خاتمي ۽ پنهنجي گڏيل سرحد کي تعاون، قانوني واپار ۽ ترقي جي زون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان سرحدي انتظام، دهشتگردي جي خاتمي ۽ پنهنجي گڏيل سرحد کي تعاون، قانوني واپار ۽ ترقي جي زون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن، پاڪستان عالمي سطح تي متوازن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ايراني سفارتخاني پاران منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي گورنرن کانسواءِ پاڪستان ۾ مقرر غيرملڪي سفيرن، پارليامينٽرينز، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران ايراني عوام سان انهن جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شامل ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران نه رڳو پاڙيسري پر تهذيبي حصيدار آهن، اسان جي گڏيل سرحد صدين تي ٻڌل لاڳاپن، گڏيل بقاءَ ۽ گڏيل احترام جي عڪاسي ڪري ٿي، اسان جي لاڳاپن جون پاڙون عقيدي، تاريخ ۽ پائيدار ثقافتي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن جيڪي اڄ به اسان جي خطي جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته فارسي زبان ۽ ان جي عظيم ادبي روايت پاڪستان جي فڪري زندگي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن، فارسي صدين تائين انهن وسيع علائقن جي سرڪاري زبان رهي جيڪي اڄ پاڪستان جو حصو آهن، ان جو اثر اسان جي قومي شعور ۾ تمام گهرو آهي، پاڪستان جو قومي ترانو پاڻ اسان جي گڏيل سڃاڻپ تي فارسي زبان جي گهري نقش کي ظاهر ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته علامه محمد اقبال جي زماني کان تمام گهڻو اڳ اسان جي عظيم هفت زبان شاعر سنڌ جو 18هين صدي جي ناليوارو شاعر سچل سرمست فارسي ۾ گهري شاعري تخليق ڪري رهيو هو. هن چيو ته رومي، حافظ، سعدي ۽ فردوسي جهڙن شاعرن ۽ مفڪرن جو پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي احترام ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته علامه اقبال جنهن پنهنجو گهڻو ڪم فارسي ۾ لکيو اسان جي ٻنهي معاشرن جي لاءِ وقار ۽ تجديد جي گڏيل علامت بڻيل آهي. صدر چيو ته اڄ اسان جو خطو هڪ حساس ٻه واٽي تي بيٺل آهي. جاري تڪرارن، دهشتگردي، ٻاهرئين مداخلت ۽ حل نه ٿيندڙ علائقائي فليش پوائنٽس استحڪام جي لاءِ خطرو آهن، پاڪستان ان ڳالهه جو پختو يقين رکي ٿو ته اهڙي طرح جي چئلينجز جو مقابلو طاقت يا هڪطرفي قدمن سان نه ٿو ڪري سگهجي، تاريخ ثابت ڪيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ اضافو رڳو بداعتمادي کي گهرو ڪري ٿو ۽ انساني ۽ معاشي نقصانن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪري ٿو. صدر چيو ته ايران بابت ڪنهن به قسم جو عدم استحڪام يا مسئلن کي فوجي ذريعن سان حل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش سنگين خطرا رکندڙ آهي، اهڙا قدم نار جي خطي، ڏکڻ ايشيا ۽ اولهه ايشيا جي استحڪام کي متاثر ڪري سگهن ٿا، عالمي امن کي نقصان ۽ عالمي معيشت کي شديد نقصان پهچائي سگهن ٿا. هن چيو ته ٽڪراءُ جا نتيجا تمام گهڻا سنگين هوندا، ان لاءِ پاڪستان ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سختي سان پابندي جي حمايت ڪري ٿو، اسان هڪطرفي پابندين ۽ ايران جي خلاف زبردستي جي قدمن جي مخالفت ڪريون ٿا ۽ يقين رکون ٿا ته پرامن مشغوليت علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ بهترين رستو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي آجيان ۽ لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ تعميري ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو جنهن جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان ذميواريون به ونڊين ٿا، اسان سرحدي انتظام، دهشتگردي جي خاتمي ۽ پنهنجي گڏيل سرحد کي تعاون، قانوني واپار ۽ ترقي جي زون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان عالمي سطح تي متوازن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ علائقائي امن جي فروغ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر آصف علي زرداري ان موقعي تي ايران جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان جي حصيداري وڌيڪ وڌي ۽ اسان جو خطو سلامتي، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي طرف گامزن رهي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ ايران جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي. ان کان اڳ تقريب ۾ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان کان اڳ تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ٻين مهمانن سان گڏ ايران جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو. ايران جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد آجياڻي کي پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم پڻ خطاب ڪيو.











