صوبائي حڪومت صحافين ۽ ميڊيا ادارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت واقف آھي، اُنھن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبائي حڪومت صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت واقف آھي ۽ اُنھن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ھن چيو تھ آزاد، ذميوار ۽ باخبر ميڊيا جمھوريت جو بنياد آھي ۽ سنڌ حڪومت ميڊيا سان مضبوط ۽ اعتماد جوڳن لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ چاھي ٿي. اهڙو اظهار …

ڪراچي-10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبائي حڪومت صحافين ۽ ميڊيا جي ادارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت واقف آھي ۽ اُنھن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ھن چيو تھ آزاد، ذميوار ۽ باخبر ميڊيا جمھوريت جو بنياد آھي ۽ سنڌ حڪومت ميڊيا سان مضبوط ۽ اعتماد جوڳن لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ چاھي ٿي. اهڙو اظهار هن اطلاعات کاتي جي اھم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو تھ اطلاعات کاتي کي جديد گھرجن سان ھم آھنگ ڪيو پيو وڃي تھ جيئن سرڪاري معلومات شفاف، مستند ۽ وقت سر انداز ۾ عوام تائين پھچي سگھي. ھن واضح ڪيو تھ صحافين جي ڀلائي، ميڊيا ھائوسز جي سھولتڪاري ۽ تخليقي رٿائن جي حوصلا افزائي حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اُن موقعي تي ھدايتون جاري ڪيون تھ جاري منصوبن ۾ تيزي آندي وڃي ۽ نون منصوبن کي زميني حقيقتن ۽ ميڊيا جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حتمي شڪل ڏني وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي پاران صحافين ۽ ميڊيا ھائوسز جي لاءِ کنيل مختلف قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻھن کي درپيش مسئلن، سھولتن جي بھتري، معلومات جي وقت سر فراھمي ۽ اداري جاتي سھڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي تحت جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن، ڊجيٽل ميڊيا کي ھٿي وٺرائڻ، سرڪاري معلومات کي جديد ذريعن سان پھچائڻ، فلم ۽ دستاويزي فلم جي منصوبن جي سرپرستي ۽ عوام تائين حڪومتي پاليسين جي شفاف پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن تي بھ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات معز پيرزادو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات سارنگ لطيف چانڊيو سميت اطلاعات کاتي جي ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.