لاڙڪاڻو/موئن جو دڙو( اي پي پي) موئن جي دڙي تي مختلف ملڪن مان پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو جاري آھي، سنڌ جي قديم ماڳ موئن جي دڙي تي جاپان مان پرڏيهي 15 سياحن جي وفد قديمي ماڳ موئن جو دڙي جو دورو ڪيو. جاپان جو پرڏيهي وفد قديم آثار اسٽوپا، ڊي ڪي ايريا، گريٽ باٿ ۽ ميوزيم گهمي خوب مزو ورتو. پرڏيهي وفد جو موئن جو دڙي جي انچارج احسان عباسي ڀليڪار ڪيو. وفد کي موئن …
موئن جي دڙي تي مختلف ملڪن مان پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/موئن جو دڙو( اي پي پي) موئن جي دڙي تي مختلف ملڪن مان پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو جاري آھي، سنڌ جي قديم ماڳ موئن جي دڙي تي جاپان مان پرڏيهي 15 سياحن جي وفد قديمي ماڳ موئن جو دڙي جو دورو ڪيو. جاپان جو پرڏيهي وفد قديم آثار اسٽوپا، ڊي ڪي ايريا، گريٽ باٿ ۽ ميوزيم گهمي خوب مزو ورتو. پرڏيهي وفد جو موئن جو دڙي جي انچارج احسان عباسي ڀليڪار ڪيو. وفد کي موئن جي دڙي تي سنڌ ٽوئرازم جو مقرر گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي جاپان جي پرڏيهي وفد ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين پهريون دفعو موهن جي دڙي تي آيا آھيون . هنن چيو ته هتي اچي ڪري تمام مزو آيو آھي. هنن چيو ته موئن جو دڙو جو ڊرينيج سسٽم تمام بهتر آھي.هنن چيو ته موئن جو دڙو کي خوبصورت بڻايو ويو آھي،هنن چيو ته موئن جو دڙو انتظاميه پاران اسان سان سٺو تعاون ڪيو ويو آهي. سندن شاندار آڌر ڀاءُ تي اسان شڪريو ادا ڪيون ٿا.هنن چيو ته موئن جي دڙي تي پرڏيهي سياحن لاءِ هتي بهترين سهولتون موجود آھن.هنن چيو ته اڃان بهتر سهولتن جي پڻ ضرورت آھي.ان موقعي تي پوليس طرفان پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.










