محراب پور ويجهو مال بردار ريل گاڏي حادثي جو شڪار، ريلوي ٽريفڪ معطل

نوشهروفيروز -09 فيبروري (اي پي پي) نوشهروفيروز جي علائقي محراب پور ويجهو ڏيپارجه ڦاٽڪ تي هڪ مال بردار ريل گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ريل گاڏي جون 10 کان وڌيڪ بوگيون متاثر ٿيون جڏهن ته 5 کان وڌيڪ بوگيون اونڌيون ٿي ويون ۽ ڪيتريون ئي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. ذريعن موجب مال بردار ريل گاڏي ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي ته اوچتو حادثي …

نوشهروفيروز -09 فيبروري (اي پي پي) نوشهروفيروز جي علائقي محراب پور ويجهو ڏيپارجه ڦاٽڪ تي هڪ مال بردار ريل گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ريل گاڏي جون 10 کان وڌيڪ بوگيون متاثر ٿيون جڏهن ته 5 کان وڌيڪ بوگيون اونڌيون ٿي ويون ۽ ڪيتريون ئي بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. ذريعن موجب مال بردار ريل گاڏي ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي ته اوچتو حادثي جو شڪار ٿي وئي. حادثي سبب اپ ۽ ڊائون ٻئي ريلوي ٽريڪس مڪمل طور بلاڪ ٿي ويا جنهن سبب ملڪ جي مختلف حصن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ ڪيتريون ئي مسافر ۽ مال بردار ريل گاڏيون مختلف اسٽيشنن تي روڪيون ويون آهن. ريلوي انتظاميه جو چوڻ آهي ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي روهڙي مان رليف ٽرين واقعي واري هنڌ ڏانهن روانو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فني عملو ۽ ڳري مشينري به طلب ڪئي وئي آهي. انتظاميه موجب ريلوي ٽريڪ کي سخت نقصان پهتو آهي جنهن جي مرمت ۽ ٽريڪ جي بحالي ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. حادثي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. جڏهن ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريڪ جي ڪليئرنس کان پوءِ ٽرين سروس بحال ڪئي ويندي.