سکر -05 جنوري (اي پي پي) يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي پاران سکر ڊويزن سائيڪلنگ ايسوسيئيشن جي سهڪار سان هڪ شاندار سائيڪلنگ ريلي جو بندوبست ڪيو ويو. هي ريلي گلوب چوڪ کان شروع ٿي ملٽري روڊ، سبزي منڊي شڪارپور روڊ مان ٿيندي آخرڪار NICVD اسپتال تي پڄاڻي تي پهتي.ريلي جي اڳواڻي عرفان منگنيجو، جبار پٽار، اسفنديار منگي، اخلاق ميمڻ سميت ٻين ڪئي.وڏي انگ …
يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سکر ۾ شاندار سائيڪلنگ ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
سکر -05 جنوري (اي پي پي) يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي پاران سکر ڊويزن سائيڪلنگ ايسوسيئيشن جي سهڪار سان هڪ شاندار سائيڪلنگ ريلي جو بندوبست ڪيو ويو. هي ريلي گلوب چوڪ کان شروع ٿي ملٽري روڊ، سبزي منڊي شڪارپور روڊ مان ٿيندي آخرڪار NICVD اسپتال تي پڄاڻي تي پهتي.ريلي جي اڳواڻي عرفان منگنيجو، جبار پٽار، اسفنديار منگي، اخلاق ميمڻ سميت ٻين ڪئي.وڏي انگ ۾ نوجوان رانديگرن ۽ شهرين ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي منعقد ڪيل سائيڪل ريس ۾ محمد عمر پٺاڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، محمد علي بلوچ ٻي پوزيشن جڏهنته محمد خليل پٺاڻ ٽين پوزيشن ماڻي. ڪامياب رانديگرن کي ٽرافيون ۽ روڪ انعام ڏنا ويا، جنهن تي شرڪت ڪندڙن خوشي جو اظهار ڪيو. ريلي جي انتظاميه چيو ته هن ريلي جو بنيادي مقصد نوجوانن کي سماجي براين، نشي ۽ منفي سرگرمين کان پري رکي کين راندين ڏانهن متوجهه ڪرڻ آهي، جيئن صحتمند معاشرو جوڙڻ ۾ نوجوان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن.










