لاڙڪاڻو /موئن جو دڙو-05 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي عظيم قديمي ماڳ موئن جي دڙي تي پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري آھي، سنڌ جي عظيم ماڳ موئن جي دڙي جو اٽلي ۽ آمريڪا جي پرڏيهي سياحن جي وفد دورو ڪيو،موئن جو دڙو تي احسان عباسي آيل وفد جو شاندار استقبال ڪيو.سنڌ ٽوئرزم جو گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني.جڏھن ته اٽلي ۽ آمريڪا جو پرڏيهي وفد اسٽوپا،گريٽ باٿ ۽ …
سنڌ جي عظيم قديمي ماڳ موئن جي دڙي تي پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو /موئن جو دڙو-05 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي عظيم قديمي ماڳ موئن جي دڙي تي پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري آھي، سنڌ جي عظيم ماڳ موئن جي دڙي جو اٽلي ۽ آمريڪا جي پرڏيهي سياحن جي وفد دورو ڪيو،موئن جو دڙو تي احسان عباسي آيل وفد جو شاندار استقبال ڪيو.سنڌ ٽوئرزم جو گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني.جڏھن ته اٽلي ۽ آمريڪا جو پرڏيهي وفد اسٽوپا،گريٽ باٿ ۽ ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو پڻ دورو ڪيو. اٽلي ۽ آمريڪا جي وفد پاڪستان زنده آباد جا نعره به هنيا.

اٽلي جي آيل وفد جو چوڻ ھو ته اسان موئن جو دڙو تي گهمي خوب مزو ورتو آھي،اسان جي دلي خواهش ھئي ته اسين پاڪستان وڃي ڪري سنڌ ۾ عظيم تاريخي ماڳ موئن جو دڙو ضرور ڏسنداسين.هوڏانهن ڪيوريٽر احسان عباسي ميڊيا کي ٻڌايو ته پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو تيزي سان جاري آھي.موسم موزون هجڻ ۽ سيڪيورٽي انتظام بهتر هجڻ ڪري مختلف ملڪن جا سياح ماڳ گهمڻ لاءِ اچن ٿا.هن چيو ته پرڏيهي سياحن جي لاءِ هتي بهتر انتظامن جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. هوڏانهن سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.










