لاڙڪاڻو /ڏوڪري -05 جنوري (اي پي پي)ڪشمرين سان ٻڌيءَ جي اظهار طور گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، ٽي اِي او سيڪنڊري ميل غلام مصطفيٰ کوکر، ٽي اِي او سيڪنڊري فيميل نظير حسين جيسر، مختيارڪار ڏوڪري عبدلباسط موريو، ھيڊ ماستر نثار احمد سولنگي، گسٽا تعلقه ڏوڪريءَ جي صدر علي پٺاڻ، عبدالغفور زھراڻي ۽ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ …
ڪشميرين سان ٻڌيءَ جي اظهار طور گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان پريس ڪلب تائين ٻه ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون

مزید خبریں
لاڙڪاڻو /ڏوڪري -05 جنوري (اي پي پي)ڪشمرين سان ٻڌيءَ جي اظهار طور گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري فرزانه ميراڻي، ٽي اِي او سيڪنڊري ميل غلام مصطفيٰ کوکر، ٽي اِي او سيڪنڊري فيميل نظير حسين جيسر، مختيارڪار ڏوڪري عبدلباسط موريو، ھيڊ ماستر نثار احمد سولنگي، گسٽا تعلقه ڏوڪريءَ جي صدر علي پٺاڻ، عبدالغفور زھراڻي ۽ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ پاران اسسٽنٽ مختيارڪار، ڪامران ضمير منگي، تپيدار منير احمد ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ھئا، جڏهن ته گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي سمورن استادن شرڪت ڪئي. جن جي هٿن ۾ پينافليڪس ۽ پاڪستان توڙي ڪشمير جا جهنڊا ھئا. ۽ ”ڪشمير بني گا پاڪستان“ ۽ ”پاڪ فوج زنده آباد“ جا نعرا هڻي رهيا هئا، جڏهن ته ايڪو سائونڊ تي ملي نغما ۽ ڪشمير جا گيت پڻ ريليءَ دوران گونجندا رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “گڏيل قومن جي ٺاهه تحت ڪشميرين کي سندن راءِ جي اظهار جو حق ڏنو وڃي ۽ فوري طور تي ڪشمير جي شناخت بحال ڪري مظلوم ڪشميرين جو استحصال ۽ مٿن ظلم بند ڪيو وڃي.“هنن جو ڌيڪ چوڻ هو ته، ”ڪشمير کي اسين پاڪستان جي شهه رڳ سمجهون ٿا، تنهن ڪري اسان هر فورم تي ڪشميري ڀائرن جي حق لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين ۽ جاکوڙ جاري رکنداسين.










