لاڙڪاڻو /جيڪب آباد -05 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر جيڪب آباد ضلعي ۾ به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ”ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو“ نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جيڪب آباد مان هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد نواب سمير حسين لغاري ،ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ، اي ڊي سي زرار …
سڄي ملڪ وانگر جيڪب آباد ۾ به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ”ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو“ نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو /جيڪب آباد -05 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر جيڪب آباد ضلعي ۾ به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ”ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو“ نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جيڪب آباد مان هڪ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد نواب سمير حسين لغاري ،ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ، اي ڊي سي زرار خان خاصخيلي ،اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) خدابخش دايو، واپاري اڳواڻ احمد علي بروهي، ضلع جي مختلف آفيسرن، ملازمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي ڪشمير جي آزاديءَ ۽ ڀارتي ظلم خلاف نعرا لکيل هئا.ان موقعي تي ڪشميري شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ صبح جو 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد نواب سمير حسين لغاري چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته ڪشميري عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنهنجي حقِ خوداراديت لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي. هن چيو ته اسين گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ کي اپيل ٿا ڪريون ته هو ڪشمير مسئلي کي سندن ئي منظور ڪيل قراردادن موجب حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. ريلي ۾ ڪشمير ۽ ڪشميرين جي حق ۾ نعرا هنيا ويا. ريلي ۾ ڪشمير جي آزاديءَ، پاڪستان جي سلامتي ۽ والاريل واديءَ ۾ جاري ظلم جي خاتمي لاءِ دعا پڻ گهري وئي.










