لاڙڪاڻو / ٺل -05 جنوري (اي پي پي) ٺل شهر ۾ اڄ ڪشمير ڊي جي موقعي تي اين پي سي آئي ايڇ جي اهتمام هيٺ وڏي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي غلام نبي ڪنڊراڻي، بشير احمد بنگلاڻي ۽ تبسم کوسو ڪئي. ريلي ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ هٿن ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جي حق ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر …
ٺل ۾ ڪشمير ڊي جي موقعي تي اين پي سي آئي ايڇ جي اهتمام هيٺ وڏي ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو / ٺل -05 جنوري (اي پي پي) ٺل شهر ۾ اڄ ڪشمير ڊي جي موقعي تي اين پي سي آئي ايڇ جي اهتمام هيٺ وڏي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي غلام نبي ڪنڊراڻي، بشير احمد بنگلاڻي ۽ تبسم کوسو ڪئي. ريلي ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙ هٿن ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جي حق ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شهر جي مختلف شاهراهن جو گشت ڪندا رهيا.ريلي پوري شهر جو گشت ڪرڻ بعد رهبر چوڪ تي پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ڪشمير جي حق ۾ زوردار نعرا هنيا ويا ۽ ڀارتي ظلمن جي سخت مذمت ڪئي وئي. اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد جي هر محاذ تي حمايت جاري رهندي. هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي.ريلي پرامن نموني سان پڄاڻي تي پهتي ۽ شرڪت ڪندڙن ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو.










