لاڙڪاڻو - 05 فيبروري(اي پي پي) ملڪ جي ٻين حصن جيان لاڙڪاڻي ۾ به ضلعي انتظاميا 05 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي وارو ڏينهن نھايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لاڙڪاڻو جي آفيس کان هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب لاڙڪاڻو پهتي. ان موقعي تي ريلي ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا چيو ته اڄوڪي ريلي ڪشمري ڀائرن سان يڪجهتي واري ڏينهن طور ملهائڻ …
ضلعي انتظاميا پاران لاڙڪاڻي ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي وارو ڏهاڙو نھايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
لاڙڪاڻو – 05 فيبروري(اي پي پي) ملڪ جي ٻين حصن جيان لاڙڪاڻي ۾ به ضلعي انتظاميا 05 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي وارو ڏينهن نھايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لاڙڪاڻو جي آفيس کان هڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب لاڙڪاڻو پهتي. ان موقعي تي ريلي ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا چيو ته اڄوڪي ريلي ڪشمري ڀائرن سان يڪجهتي واري ڏينهن طور ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڪڍي وئي آهي ڇاڪاڻ ته ڪشميري اسان جا ڀائر آهن ۽ انهن سان هندستان پاران ظلم ٿي رهيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين پنهنجي حق خوداراديت لاءِ وڙهي رهيا آهن ۽ گڏيل قومن کي جاڳائي رهيا آهن ته کين پنهنجو حق ڏنو وڃي ته جيئن اهي هڪ آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگهن ۽ ان سلسلي ۾ مان پاڪستان جي عوام طرفان اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪشميري اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان ساڻن گڏ آهيون ۽ جيستائين آزادي حاصل نه ٿا ڪن اسان گڏ هونداسين ۽انهن جي جدوجهد ۽ انهن مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿارينداسين. ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سڄي حياتي ڪشميري عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ دنيا جي هر فورم تي خاص طور تي گڏيل قومن ۾ اهو آواز اٿاريو ته ڪشمرين کي اقوام متحده جي پاس ڪيل قرارداد مطابق حق خوداراديت ڏنو وڃي. اسان دنيا کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪشميري اڪيلا نه آهن اهي اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان سندن حق خوداراديت لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين ۽ پاڪستان حڪومت ۽ عوام به انهن سان گڏ آهي ۽ هڪ ڏينهن ضرور ايندو جو ڪشميري عوام آزادي حاصل ڪندو.ان موقعي تي وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل اسدالله ڀٽو ۽ ٻين پڻ ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ ساڻن شامل هجڻ جو وچن ورجايو.ريلي ۾ ضلعي جي سمورن آفيسرن جن ۾ ڊي اي او پرائمري لاڙڪاڻو انيس رحمان جلباڻي، ڊي اي او سيڪنڊري عبدالرشيد چانڊيو، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو، اسڪائوٽ اڳواڻ نثار احمد مغيري، استادن، شاگردن، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ عام شهرين شرڪت ڪئي. تقريب دوران پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد، ڪشميرين جي جدوجھد زندھ آباد جا نعرا لڳايا ويا.











