لاڙڪاڻو-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ لاڙڪاڻو طرفان 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ پوري دنيا ۾ ھن وقت ھر ماڻھو امن ۽ آزادي ٿو چاھي، ٻئي طرف ڀارت مظلوم ڪشميرين تي مسلسل ظلم ۽ جبر ڪري رهيو آهي ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي آزادي جي ڪري شھيد ڪيو ويو آهي. اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ ڪشميري مسلمان اسان جا ڀائر آھن. دنيا …
پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ لاڙڪاڻو طرفان 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي
لاڙڪاڻو-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ لاڙڪاڻو طرفان 5 فيبروري تي يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ پوري دنيا ۾ ھن وقت ھر ماڻھو امن ۽ آزادي ٿو چاھي، ٻئي طرف ڀارت مظلوم ڪشميرين تي مسلسل ظلم ۽ جبر ڪري رهيو آهي ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي آزادي جي ڪري شھيد ڪيو ويو آهي. اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ ڪشميري مسلمان اسان جا ڀائر آھن. دنيا کي اھو پيغام ڏيڻ چاھيون ٿا تہ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿاريو ويندو.











