ڪراچي -04 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جهڙي اهم ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته دنيا هن وقت فيصلائتي عالمي تبديليءَ جي دور مان گذري رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جمهوري ادارن جو ڪردار اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي …
دنيا هن وقت فيصلائتي عالمي تبديليءَ جي دور مان گذري رهي آهي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي -04 فيبروري (اي پي پي)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جهڙي اهم ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته دنيا هن وقت فيصلائتي عالمي تبديليءَ جي دور مان گذري رهي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جمهوري ادارن جو ڪردار اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. سي پي اي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بروقت ۽ بامقصد فورم جي منعقد ٿيڻ تي ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن ۽ سنڌ صوبائي اسيمبلي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته سندس رهنمائي هيٺ اسيمبلي پارلياماني روايتن ۽ عالمي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن چيو ته هي ڪانفرنس جمهوري بحالي لاءِ گڏيل عزم جي علامت آهي ۽ ڪراچي چارٽر ڳالهه ٻولهه کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ لاءِ رهنمائي فراهم ڪندو. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ قانون سازي جي نگراني ۽ پارلياماني شفافيت وڌائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ۽ مضبوط پارليامينٽون ئي مضبوط جمهوريتن جي ضمانت هونديون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شموليت کانسواءِ جمهوريت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، ان ڪري سنڌ جي صوبائي اسيمبلي عورتن جي شموليت ۽ قيادت جي واڌ ويجهه لاءِ عملي قدم کنيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ زور ڀريندي چيو ته امن جمهوري ڪوششن کي هڪ لڙي ۾ پوئي ٿو ۽ پارليامينٽ ڳالهين ۽ اتفاقِ راءِ جا مرڪز هجڻ گهرجن، جڏهن ته سي پي اي جهڙا پليٽ فارمز امن ۽ علائقائي سهڪار لاءِ انتهائي اهم آهن.











