حيدرآباد-04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ۾ ٽين ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي، ماھرن پاران ڊيٽا کي هڪ قومي اثاثي طور تسليم ڪري، ان کي پاليسي سازي، منصوبابندي ۽ ترقياتي فيصلن ۾ ڊيٽا کي استعمال ڪرڻ جون سفارشون ڪيون آهن. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ جاري ٽين ڊيٽا ڊرائيوَن سوشل چينج ڪانفرنس 2026ع ۽ پهريون انٽرنيشنل ريسرچ سيمپوزيم 2026ع …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ۾ عالمي ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي
حيدرآباد-04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ۾ ٽين ٻن ڏھاڙن واري عالمي ڪانفرنس پنھنجي پڄاڻي تي پھتي، ماھرن پاران ڊيٽا کي هڪ قومي اثاثي طور تسليم ڪري، ان کي پاليسي سازي، منصوبابندي ۽ ترقياتي فيصلن ۾ ڊيٽا کي استعمال ڪرڻ جون سفارشون ڪيون آهن. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني ھيٺ جاري ٽين ڊيٽا ڊرائيوَن سوشل چينج ڪانفرنس 2026ع ۽ پهريون انٽرنيشنل ريسرچ سيمپوزيم 2026ع پنھنجي پڄاڻي تي پھتو، جنهن ۾ پاڪستان، ملائيشيا، چين، برطانيه، ڏکڻ ڪوريا سميت دنيا جي مشهور تدريسي ۽ تحقيقي ادارن جا ماهر شريڪ ٿيا، جن جا 224 تحقيقي مقالا سڌو سنئون ۽ آن لائن جمع ٿيا، جنهن دوران سخت جانچ پڙتال بعد 80 تحقيقي مقالا آن سائيٽ ۽ آن لائن آڇ لاءِ منظور ڪيا ويا، انهن مقالن جي روشني ۾ ماهرن سفارشون پيش ڪيون، جنهن ۾ تجويز ڏني وئي ته ڊيٽا کي قومي اثاثو تسليم ڪندي ان کي پاليسي سازي، منصوبابندي ۽ ترقياتي فيصلن جي بنياد طور استعمال ڪيو وڃي، ان ڳالهھ تي اتفاق ڪيو ويو ته ھٿرادو ذھانت (اي آءِ) کي اڳڪٿي تائين محدود رکڻ بجاءِ اهڙو قابلِ فھم، قابلِ اعتماد ۽ فيصلا سازي تي ٻڌل نظام تيار ڪيو وڃي جيڪو عملي سطح تي اثرائتو ثابت ٿئي، سفارشن ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، صحت، تعليم، گورننس ۽ سماجي توڙي معاشي ترقي سميت اهم شعبن ۾ ڊيٽا سائنس ۽ اي آئي جي مؤثر استعمال تي زور ڏنو ويو. ماهرن موجب، جيو اسپيشل ڊيٽا ۽ جي آءِ ايس کي قومي سطح تي لاڳو ڪري بيمارين جي جانچ، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، شهري ۽ ڳوٺاڻي منصوبابندي، ۽ هنگامي حالتن ۾ فيصلا سازي کي بھتر بڻائي سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪالرا ۽ ٻين وبائي بيمارين جي ڊجيٽل ميپنگ ذريعي بروقت روڪٿام ممڪن آهي.ڪانفرنس ۾ زرعي شعبي لاءِ پريسيجن ايگريڪلچر، سٽيلائيٽ ۽ ڊرون ميپنگ، مٽي ۽ پاڻي جي ڊيٽا جي استعمال، ۽ ھاري دوست ڊجيٽل ايپليڪيشنز کي ھٿي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. پڄاڻي تقريب ۾ وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته مستقبل جي حالتن کي نظر ۾ رکندي گهٽ خرچ ۽ قابلِ توسيع ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ سان گڏ نوجوانن جي صلاحيت سازي، عورتن جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ اڻٽر آھي، ايگري ٽيڪ، هيلٿ ٽيڪ، ايجو ٽيڪ ۽ آءِ ٽي گورننس ۾ اسٽارٽ اپس، انوويشن حبز ۽ ليونگ ليبز جي قيام سان روزگار جا موقعا، ڪمرشلائيزيشن ۽ معاشي ترقي کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو. وائس چانسلر وڌيڪ چيو ته ڊيٽا تي ٻڌل تحقيق هڪ مسلسل عمل آهي، جيڪو اخلاقي ۽ ذميوار انداز ۾ استعمال ٿيڻ جي صورت ۾ جامع ترقي، پائيدار خوشحالي ۽ سماجي ڀلائي جو مؤثر وسيلو بڻجي سگهي ٿو، ان کان اڳ ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز ڊاڪٽر اعجاز علي کونھارو، ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر ڊاڪٽر مير سجاد ٽالپر، ڊاڪٽر سهڻي عباسي، ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر اسدالله شاهه، ڊاڪٽر مختيار علي ميمڻ، ڊاڪٽر سهراب ٿهيم، ڊاڪٽر پيار علي شر، عارف علي مگسي سميت اهم اسپيڪرز، منتظمين ۽ انتظامي ۽ تدريسي شعبن جي سربراهن کي شيلڊز ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽس سان نوازيو ويو.











