شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي پاران ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سيمينار

سکر-04 فيبروري (اي پي پي)شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي پاران ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائيندي سيمينار منعقد ڪيو. تقريب ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار جي صدارت ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو ڪئي. پروگرام جي شروعات ڪشمير جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو شڪار ڪشميري شهرين سان يڪجهتي جي اظهار …

سکر-04 فيبروري (اي پي پي)شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي پاران ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائيندي سيمينار منعقد ڪيو. تقريب ۾ استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار جي صدارت ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو ڪئي. پروگرام جي شروعات ڪشمير جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو شڪار ڪشميري شهرين سان يڪجهتي جي اظهار طور هڪ منٽ جي خاموشي سان ڪئي وئي جڏهن ته صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي چانڊيو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ تي زور ڀريو.هن ڪشميري مائرن، ٻارن ۽ عام شهرين خلاف جاري ظلم ۽ تشدد جي سخت مذمت ڪندي عالمي برادري کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو.پاڪستان اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت الله ڀٽي خطاب ڪندي ڪشمير مسئلي جي تاريخي پس منظر تي روشني وڌي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جو حوالو ڏيندي چيو ته گڏيل قومن جي نگراني هيٺ آزاد ۽ منصفاڻو ريفرينڊم ئي ڪشمير مسئلي جو واحد حل آهي.تقريب ۾ پاڪستان اسٽڊيز جي شاگردياڻي سويرا شاهين ڪشميري عوام جي تڪليفن ۽ امنگن بابت اثرائتو خطاب ڪيو ۽ عبدالوسيع ڪشمير تي جذباتي شاعري پيش ڪري سامعين کي متاثر ڪيو.تقريب جي ڪاروائي اسٽيج سيڪريٽري استاد ولي محمد سرانجام ڏني. ان موقعي تي استادن رضا شاهاڻي،صفدر امداد سهتو ۽ مس بختاور پڻ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.سيمينار جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن متفقه طور ڪشميري عوام سان پنهنجي اٽل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جو مطالبو ڪيو.