حيدرآباد -04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ آبادگار اتحاد جو ماھوار اجلاس نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾ مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ھاري آبادگار جي مرڪزي صدر محسن قاضي وفد سان گڏ خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ آبادگار اتحاد ۽ سنڌ ھاري آبادگار اتحاد پاران زراعت ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ان تي حيرت جو اظهار …
سنڌ آبادگار اتحاد جو ماھوار اجلاس، سنڌ آبادگار اتحاد ۽ سنڌ ھاري آبادگار اتحاد پاران گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق
حيدرآباد -04 فيبروري (اي پي پي) سنڌ آبادگار اتحاد جو ماھوار اجلاس نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾ مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ ھاري آبادگار جي مرڪزي صدر محسن قاضي وفد سان گڏ خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ آبادگار اتحاد ۽ سنڌ ھاري آبادگار اتحاد پاران زراعت ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ان تي حيرت جو اظهار ڪيو ويو ته روھڙي ڪئنال جي سڪرنڊ ويجھو وارث شاھ ريگيوليٽر وٽ لائننگ بنا ڪنھن اطلاع نوٽيس جي ٽينڊر ڪئي پئي وڃي، ڪڻڪ کي وقت تي پاڻي نه ملڻ سبب پيداوار تي منفي اثر پوندا ۽ فيبروري ۾ وقت تي پاڻي نه آيو ته ڪمند جي پوکي نه ٿيندي. اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته ان لاپرواهي ۽ غير ذميواري خلاف ھر فورم تي آواز اٿاريو ويندو ۽ ھرجاڻي لاءِ درخواست ڏني ويندي. سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي خط لکيا ويندا ڇاڪاڻ ته آبادگارن کي اربين روپين جو مالي معاشي نقصان ٿيو آهي. اجلاس ۾ سنڌ اندر نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زهريلي دوائن جي وڪري خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته ان حوالي سان ڪابه نظرداري ناھي. نقلي شين جي قيمتن ۾ پڻ مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته رائيٽ بئنڪ سکر برانچ جي ڪينالن رائيس، کيرٿر، دادو ڪئنال ۽ وارھ برانچ جي کاٽي ڪئي وڃي. ان کان علاوہ کيرٿر ڪئنال جي گل شاھ ڊسٽري ۽ ٽانوري ڊسٽري جي ھلندڙ لائيننگ واري سست روي جي ڪم کي جلد اڪلايو وڃي اجلاس ۾ ھاري ڪارڊ ۾ ٿيل بي ضابطگين تي پُڻ افسوس جو اظهار ڪيو ويو.











