لاڙڪاڻو -04 فيبروري (اي پي پي) عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻو جي ڳوٺ بھاول جت جي دورو ڪري سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل گهرن جي نئين سر تعمير جو معائنو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن سندن شاندار استقبال ڪيو. عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا چيو آهي ته ماڻهن کي …
عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو لاڙڪاڻو جي ڳوٺ بھاول جت جي دورو، ٻوڏ متاثر گهرن جي نئين سر تعمير جو معائنو ڪيو، ڳوٺاڻن سان ملاقات
لاڙڪاڻو -04 فيبروري (اي پي پي) عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻو جي ڳوٺ بھاول جت جي دورو ڪري سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل گهرن جي نئين سر تعمير جو معائنو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن سندن شاندار استقبال ڪيو. عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا چيو آهي ته ماڻهن کي پنهنجي زندگين جي نئين سر تعمير لاءِ بااختيار بڻايو پيو وڃي جيڪو ڏسي خوشي ٿي آهي. سنڌ حڪومت ۽ عالمي بينڪ جي تعاون سان ڳوٺ بهاول جت ۾ 145 ٻوڏ متاثر گهرن جي نئين سر اڏاوت ڪئي وئي آهي ۽ 83 سيڪڙو گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا ويا آهن. ڳوٺ بھاول جت جي دورو جي موقعي تي ڳالهائيندي عالمي بينڪ جو صدر اجي بانگا چيو ته هي پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪميونٽي قيادت ۾ هاؤسنگ پروگرام آهي، عالمي بئنڪ شروع کان ئي ايس پي ايڇ ايف سان مڪمل سهڪار ڪيو آهي،

هِن چيو ته ٻوڏ متاثرين لاءِ 950 ملين ڊالر جي امداد فراهم ڪئي آهي ۽ عالمي بينڪ شروعاتي طور 500 ملين ڊالر فراهم ڪيا ان کانپوءِ اضافي 450 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويا. اجي بانگا چيو ته پروگرام جو مرڪز غريب ترين گهراڻا آهن ۽ هر خاندان کي تقريباً 1400 ڊالر ماليت جي گهر جي تعمير جا وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن، عورتن جي شموليت سان گهريلو آمدني ۽ مقامي معيشت مضبوط ٿئي ٿي، هِن چيو ته محفوظ گهرن سان گڏ صحتمند ۽ سگهاري ڪميونٽيز جي جوڙجڪ ڪئي وڃي، صحتمند سماج لاءِ صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي ضروري آهي، هِن چيو ته ٻارن جي بهتر کاڌخوراڪ ۽ ڊگهي مدي واري ڀلائي کي به فروغ ڏنو وڃي، هي پروگرام انساني سرمائي جي ترقي لاءِ مضبوط بنياد آهي، ڪميونٽي تي ٻڌل بحالي واري ماڊل کي عالمي مثال جي طور تي ڏٺو پيو وڃي، هِن چيو ته بحالي جي ذريعي روزگار جي تخليق ۽ سماجي شموليت وڌائي سگهجي ٿي، عالمي بينڪ جي صدر ڊگهي مدي وارن معاشي موقعن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته پيپلز هاؤسنگ پروگرام گهرن جي بحالي جو عالمي معيار بڻجي رهيو آهي، آفتن سبب متاثر ٿيل گهرن ۽ انفرااسٽرڪچر جي نئين سر اڏاوت لاءِ سنڌ ماڊل نمايان مثال آهي، هِن چيو ته ماڻهن کي مرڪزي ڪردار ڏئي نئين سر اڏاوت ڪري سگهي ٿي ۽ وڏي پيماني تي عام ماڻهن جي قيادت ۾ اڏاوتي عمل جاري آهي، نئين سر تعمير سان روزگار جا موقعا ۽ سماجي ۽ مالي شموليت کي هٿي ملي آهي، هِن چيو ته توهان خوش قسمت آهيو جو توهان کي مالڪاڻا حق مليا آهن جيڪا توهان جي آزادي آهي، مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته عورتون هتي هٿ جي هنر سان روزگار به حاصل ڪري رهيون آهن. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي نئين سر اڏاوت جو حڪم مليو، ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ 6000 ارب جي ضرورت هئي، ان ۾ 25 سيڪڙو عالمي بئنڪ طرفان فراهم ڪيو ويو ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي نئين سِر اڏاوت ۾ وفاقي حڪومت ۽ ٻين ڀائيوارن پُڻ مدد ڪئي جنهن تيِ اسان انهن جا ٿورائتا آهيُون، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته خاندان پاڻ گهر تعمير ڪن ٿا، آمدني ڪميونٽي ۾ برقرار رهي ٿي هِن چيو ته گهرن جي اڏاوت سان مقامي مزدورن لاءِ روزگار پيدا ٿيو آهي جنهن سان ڏهاڙي تي گذارو ڪندڙ خاندانن کي سڌو فائدو ملي ٿو، هِن چيو ته هنگامي ردعمل سان جامعه بحالي پروگرام ۾ تبديلي آئي آهي، سنڌ حڪومت سهڪاري ڌُرين جي تعاون سان 21 لک گهرن جي نئين سر تعمير ڪري رهي آهي، سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيز پروگرام قابل ذڪر سنگ ميل حاصل ڪيا آهن، هِن چيو ته 15 لک 50 هزار کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندڙن جا بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا، ايس پي ايڇ ايف جي تحت 15 لک گھر زير تعمير آهن جڏهن ته 7 لک 50 هزار گھرن جي تعمير مڪمل ٿي وئي آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هر گهراڻي کي رسمي بينڪنگ خدمتن تائين پهچ حاصل ٿي آهي، هاڻي ڏھ لک کان وڌيڪ عورتون زميني مالڪاڻا حق رکن ٿيون، جڏهن ته وڌيڪ عورتن کي به زميني حق ڏنا ويندا ڇو ته نئين سر تعمير جو عمل جاري آهي، ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ عالمي بئنڪ جي صدر عورتن جي معاشي سلامتي کي مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو. سيد مُراد علي شاهه چيو ته 8 لک عورتن مالي فائدو حاصل ڪيو آهي، عورتن جي معاشي آزادي ۽ سماجي شموليت کي فروغ ڏنو پيو وڃي ۽ انهن لاءِ روڪ گرانٽس ۽ ننڍن ڪاروبارن جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن، سيد مراد علي شاهه چيو ته پروگرام جي ڪاميابي جو مرڪز هڪ مضبوط گورننس فريم ورڪ آهي، جديد مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم ذريعي شفافيت يقيني بڻائي وئي آهي ۽ لاڀ حاصل ڪندڙ ماڻهن جي بينڪ اڪائونٽس ۾ سڌو سنئُون فنڊ منتقل ڪيا ويندا آهن، هِن چيو ته ايس پي ايڇ ايف جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان شريڪ آهي، ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي نئين سر اڏاوت ۾ ماحولياتي ۽ سماجي تحفظ جي ماهرن کي شامل ڪندي مؤثر قدمن ۽ اعليٰ احتسابي معيارن کي يقيني بڻايو ويو آهي، هِن چيو ته محفوظ گهرن کي صاف پاڻي ۽ صفائي سان ڳنڍيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت صحت مند سماج جي فروغ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ هي مستقبل لاءِ مضبوط انساني سرمائيداري جو بنياد آهي، ايس پي ايڇ ايف دنيا جي سڀ کان وڏي ڪميونٽي قيادت وارن هائوسنگ منصوبن ۾ شامل آهي ۽ سنڌ جو هائوسنگ ماڊل عالمي سطح تي نمايان آهي، هِن سان مقامي سطح تي روزگار جا نمايان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ هر گهر جي تعمير سان مقامي مزدورن لاءِ تقريباً 160 ڏينهن جو معاوضو ملي ٿو، منصوبي جي مجموعي لاڳت جو تقريباً 25 سيڪڙو سڌو سنئُون اجرت ۾ وڃي ٿو جنهن سان غريب مزدُور فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، هِن چيو ته گهرن جي نئين سر اڏاوت جو انساني سرمائي جي سيڙپڪاري سان گهرو تعلق آهي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي. عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ڳوٺ بھاول جت ۾ زيتون جو هڪ يادگار ٻوٽو پڻ لڳايو ۽ ڳوٺاڻين عورتن سان ڪميونٽي سينٽر ۾ ملاقات ڪئي، ڳوٺ جي عورتن ڪميونٽي سينٽر کي ثقافتي انداز ۾ سينگاريو هو جٿي سنڌي ثقافتي رليون وڇائي ويھاڻا رکيا ويا هئا، جڏهن ته ڪميونٽي سينٽر ۾ لڳل اسٽالن تي عورتن جي هٿ جي هنر تحت ٺاهيل پرس، رليون، ماني رکڻ جون ڇٻيُون ۽ ٻيو سامان موجود هو. عالمي بئنڪ جي صدر هٿ سان ٺاهيل شيون ڏٺيون ۾ انهن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ سنڌ جي وڏي وزير رلين تي هيٺ ويهي عورتن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان موقعي تي کين سنڌ جي سُڃاڻپ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا. جڏهن ته عالمي بئنڪ جي صدر عورتن ۾ مالڪاڻي حقن جا سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا











