سنڌ اسيمبلي ۾ 3 کان 7 فيبروري تائين ٿيندڙ عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو جاري

ڪراچي-04 فيبروري (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي ۾ 3 کان 7 فيبروري تائين ٿيندڙ عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو ڪراچي ۾ جاري آهي. ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجن جي گڏيل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا پارليامينٽ ميمبر، اسپيڪر ۽ ماهر ڪراچي پهچي رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي ترجمان موجب ان …

ڪراچي-04 فيبروري (اي پي پي)سنڌ اسيمبلي ۾ 3 کان 7 فيبروري تائين ٿيندڙ عالمي پارلياماني ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي وفدن جي آمد جو سلسلو ڪراچي ۾ جاري آهي. ڪامن ويلٿ پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ريجن جي گڏيل ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا پارليامينٽ ميمبر، اسپيڪر ۽ ماهر ڪراچي پهچي رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ سي پي اي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ملائيشيا جي مختلف رياستن مان 22 رڪني پارلياماني وفد ڪراچي پهچي ويو آهي. وفد ۾ ڦانگ، پينانگ، ڪيلانٽن، سيلانگور ۽ پيراڪ رياستن جي اسيمبلين جا اسپيڪرز، اسيمبلي ميمبرز، سي پي اي وفد ۽ مبصر شامل آهن.وفد ۾ ملائيشيا جي ڦانگ اسيمبلي جو اسپيڪر داتو سري محمد شارڪر، داتو روڊزوان بن زابا ۽ خائزالنظام بن محمد زلدين شامل آهن. پينانگ اسيمبلي مان ايم ايل اي داتو رشيدي بن زنول، ايم ايل اي بخوري بن غزالي، ڊپٽي سيڪريٽري ميور حمزه بن عبدالله ثاني ۽ محمد راضدي بن رمزي وفد جو حصو آهن.ڪيلانٽن اسيمبلي مان اسپيڪر داتو سري امار ڊي راجا ڊاڪٽر حاجي محمد امار بن عبدالله، سندس گهر واري داتن هاسماني بنت حسين، ڊپٽي اسپيڪر داتو محمد فريد بن محمد زواوي، سي پي اي برانچ ڊيليگيٽ محمد فزدل ازنان بن عبدالعزيز ۽ سي پي اي ريجنل برانچ ڊيليگيٽ داتو عبدالهادي بن اوانگ ڪيچل شامل آهن.سيلانگور اسيمبلي مان اسپيڪر لائو وينگ سان، ايم ايل اي ليونگ ٽوڪ چي ۽ ڪوآرڊينيٽر سيٽي خديجه ماروف ڪراچي پهتا.ان کان علاوه پيراڪ اسٽيٽ ليجسليٽو اسيمبلي مان اسپيڪر داتو سري محمد ظاهر بن عبدالخالد سميت مبصر محمد معزالدين روزمان، سلينا سمس الدين، وونگ چائي ئي، ڊاڪٽر محمد يسري بن باقر، سي پي اي ڊيليگيٽ محمد اڪرام بن احمد ۽ محمد هيڪل بن هرالدين پڻ وفد ۾ شامل آهن.ملائيشيا جي 22 رڪني پارلياماني وفد جي ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين آجيان ڪئي.