جيڪب آباد -04 فيبروري (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس جي 2 اهلڪارن شعيب جمالي ۽ غلام حيدر گورچاڻي کي ڊيوٽي تان مسلسل غير حاضري تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻنهي اهلڪارن کي ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي سيڪيورٽي لاءِ ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ رليو ڪيو ويو هو، جتي ڄاڻايل اهلڪار 14 آڪٽوبر کان غير حاضر هئا ۽ هنن ڪنڌڪوٽ ۾ ڊيوٽي جوائنگ نه ڪئي هئي. اهلڪارن کي شوڪاز به …
جيڪب آباد ۾ پوليس جا 2 اهلڪار ڊيوٽي تان غير حاضري تي نوڪري مان برطرف
جيڪب آباد -04 فيبروري (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس جي 2 اهلڪارن شعيب جمالي ۽ غلام حيدر گورچاڻي کي ڊيوٽي تان مسلسل غير حاضري تان برطرف ڪيو ويو آهي، ٻنهي اهلڪارن کي ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي سيڪيورٽي لاءِ ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ رليو ڪيو ويو هو، جتي ڄاڻايل اهلڪار 14 آڪٽوبر کان غير حاضر هئا ۽ هنن ڪنڌڪوٽ ۾ ڊيوٽي جوائنگ نه ڪئي هئي. اهلڪارن کي شوڪاز به جاري ڪيا ويا پر ڪو جواب نه ڏنو ويو جنهن تي ٻنهي اهلڪارن کي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ايس پي محمد مراد نوڪري تان برطرف ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.











