جڪارتا -04 فيبروري (اي پي پي) انڊونيشيا سال 2026ع جي اڪنامڪ سمٽ ۾ بي 57 پلس ايشيا پيسيفڪ ريجنل هيڊ ڪوارٽر جي قيام جو اعلان ڪيو آهي جنهن کي بي-57 پلس ليڊرز انيشيئيٽو ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ويو آهي. اسلامڪ چيمبر آف ڪامرس اينڊ ڊولپمينٽ (آءِ سي سي ڊي) جي انتظام هيٺ شروع ڪيل اهو قدم خانگي شعبي جي قيادت ۾ هڪ اهم اسٽريٽجڪ پروگرام آهي جنهن جو …
انڊونيشيا پاران سال 2026ع جي اڪنامڪ سمٽ ۾ بي-57 پلس ايشيا پيسيفڪ ريجنل هيڊ ڪوارٽر جي قيام جو اعلان
جڪارتا -04 فيبروري (اي پي پي) انڊونيشيا سال 2026ع جي اڪنامڪ سمٽ ۾ بي 57 پلس ايشيا پيسيفڪ ريجنل هيڊ ڪوارٽر جي قيام جو اعلان ڪيو آهي جنهن کي بي-57 پلس ليڊرز انيشيئيٽو ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ويو آهي. اسلامڪ چيمبر آف ڪامرس اينڊ ڊولپمينٽ (آءِ سي سي ڊي) جي انتظام هيٺ شروع ڪيل اهو قدم خانگي شعبي جي قيادت ۾ هڪ اهم اسٽريٽجڪ پروگرام آهي جنهن جو مقصد اسلامي ملڪن وچ ۾ اقتصادي انضمام کي هٿي وٺائڻ ۽ عالمي معيشت سان سندن تعلق مضبوط ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسلامڪ چيمبر آف ڪامرس اينڊ ڊولپمينٽ جي صدر ۽ سعودي چيمبرز جي فيڊريشن جي صدر عبدالله صالح ڪامل ان موقعي تي ايشيا پيسيفڪ جي نئين شاخ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ان کي سگهه ڏيڻ ۽ اقتصادي شراڪتداري کي ڪو آرڊينيشن فريم ورڪ سان سڌي ريت ترقياتي اثرن سان قابل عمل منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ واري سلسلي ۾ هڪ اهم قدم قرار ڏنو. عبدالله صالح ڪامل وضاحت ڪئي ته بي-57 پلس قدم اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ پراڻي فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. 2 ارب کان وڌيڪ آبادي ۽ وسيع قدرتي ۽ مالي وسيلن باوجود انٽرا او آءِ سي واپار هن وقت ڪل واپار جو رڳو 20 کان 22 سيڪڙو آهي. هنن ان فرق کي چئلينجز سميت ريگيوليٽري فريم ورڪ، پکڙيل خانگي شعبن جي نمائندگي ۽ پاليسي سازن ۽ ڪاروباري برادرين وچ ۾ رابطن لاءِ محدود پائيدار چينلز سان منصوب ڪيو. بي-57 پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ لاءِ منظم ۽ پائيدار پليٽ فارم قائم ڪري انهن چئلينجن تي ضابطي آڻڻ جي ڪوشش آهي. عبدالله صالح ڪامل ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته اهي قدم حڪومتي پاليسين ۽ عملي سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي آپريشنل ضرورتن وچ ۾ پول جو ڪم ڪندو. اهو اقتصادي تعاون جي فريم ورڪ کي توسيع ٿيل واپار، سرحد پار سيڙپڪاري ۾ اضافي، روزگار جي تخليق ۽ گڏيل خوشحالي جهڙن ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪندو.











