سنڌي اصل ۾ سنڌُو تهذيب جا وارث آھن. عالمي بينڪ جو صدر اجي پال سنگهه بانگا

لاڙڪاڻو-04 فيبروري (اي پي پي) عالمي بينڪ جي صدر اجي پال سنگهه بانگا چيو آهي ته سنڌي اصل ۾ سنڌُو تهذيب جا وارث آھن، دنيا جي قديم ترين شھر موئن جي دڙي جي منصوبابندي ان وقت جي حساب سان شاندار ھئي، موئن جي دڙي ۾ انساني ذھانت جي شروعات هڪ شاندار مثال آهي، حڪومت جون تاريخي ورثي جي تحفظ جون ڪوششون تعريف جوڳيون آھن. عالمي بينڪ جو صدر سنڌ جي …

لاڙڪاڻو-04 فيبروري (اي پي پي) عالمي بينڪ جي صدر اجي پال سنگهه بانگا چيو آهي ته سنڌي اصل ۾ سنڌُو تهذيب جا وارث آھن، دنيا جي قديم ترين شھر موئن جي دڙي جي منصوبابندي ان وقت جي حساب سان شاندار ھئي، موئن جي دڙي ۾ انساني ذھانت جي شروعات هڪ شاندار مثال آهي، حڪومت جون تاريخي ورثي جي تحفظ جون ڪوششون تعريف جوڳيون آھن. عالمي بينڪ جو صدر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ موئن جي دڙي پهتو جتي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاھ سندن استقبال ڪيو. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ورلڊ بينڪ جو صدر گولف ڪار ۾ موئن جو دڙو پهتا.ٰ سنڌ جي وڏي وزير ورلڊ بينڪ جي صدر کي سر جان مارشل جي ڪار ڏيکاري. موئن جي دڙي تي عالمي بينڪ جي صدر لاءِ هينڊي ڪرافٽ جي نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش ۾ مختلف اسٽال لڳل هئا جن اسٽالز تي هٿ جي هنر جي مصنوعات رکيل هئي. موئن جي دڙو تي سندس لاءِ سنڌي سنگيت جي تقريب پڻ رکيل هئي. جڏهن ته وڏي وزير ۽ عالمي بينڪ جي صدر آثار قديمه جو جائزو ورتو. ورلڊ بينڪ جي صدر ان موقعي تي ميوزيم جو دورو ڪيو. عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا موئن جي دڙي جي اسٽوپا جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پنج ھزار سال پراڻي ترقي يافته نيڪال  جي نظام جو ويجھو سان مشاھدو ڪيو. موئن جي دڙي جي رھائشي ڍانچي ۽ تجارتي سرگرمين تي عالمي بينڪ جي صدر خصوصي ڌيان ڏنو. آثار قديمه جي ماهرن ۽ مقامي اختيارين عالمي بينڪ جي صدر کي رھنمائي فراهم ڪئي. موئن جو دڙو جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي عالمي بينڪ جي صدر مستقبل جي نسلن لاءِ تاريخي خزاني کي محفوظ رکڻ جي اھميت تي پڻ زور ڀريو، هن چيو ته موئن جو دڙو حيرت انگيز قديم شھر آھي. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه کيس ٻڌايو ته موئن جو دڙو اسان کي پنھنجي تھذيبي ۽ تاريخي سڃاڻپ تي فخر ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. موئن جي دڙي جي تحفظ جا قدم اسان جي ذميواري ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اهم سرمايو آھن. اسان ثقافتي ورثي کي هٿي ڏيڻ ۽ سياحت کي وڌائي سنڌ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪنداسين. ھي دورو تاريخي تعليم ۽ جديد تحقيق جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو  عالمي بينڪ جي صدر چيو ته سنڌي اصل ۾ سنڌُو تهذيب جا وارث آھن، دنيا جي قديم ترين شھر موئن جي دڙي جي منصوبابندي ان وقت جي حساب سان شاندار ھئي، عالمي بينڪ جي صدر موئن جو دڙي ۾ انساني ذھانت جي شروعات کي شاندار مثال قرار ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جون تاريخي ورثي جي تحفظ جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آھن، عالمي بينڪ جي صدر ايندڙ نسلن لاءِ تاريخي خزاني کي محفوظ رکڻ جي اھميت تي زور ڏيندي چيو ته موئن جو دڙو حيرت انگيز قديم شھر آهي، هن ثقافتي، سياحتي ۽ تعليمي تحقيق کي هٿي ڏيڻ جي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. عالمي بينڪ جي صدر موئن جي دڙي جي ميوزيم ۾ موجود مھمانن جي ڪتاب ۾ پنھنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا.