ڪراچي-03 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذور ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مهارتن جي واڌ، تعليم ۽ روزگار ذريعي کين بااختيار بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترين ترجيحن ۾ شامل آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب هن اها ڳالهه ڪورنگي ۾ اين او ڊبليو پي ڊي پي جي مرڪز ۾ …
حڪومت معذورن کي تعليم ۽ روزگار ذريعي کين بااختيار بڻائڻ جو عزم رکي ٿي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-03 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذور ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مهارتن جي واڌ، تعليم ۽ روزگار ذريعي کين بااختيار بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترين ترجيحن ۾ شامل آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب هن اها ڳالهه ڪورنگي ۾ اين او ڊبليو پي ڊي پي جي مرڪز ۾ منعقد ٿيل معذور ماڻهن جي گريجوئيشن تقريب سال 25-2024ع کي خطاب ڪندي ڪئي. وڏي وزير چيو ته هي تقريب “هنرمند پروگرام” جي تحت منعقد ڪئي وئي جيڪو ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِڌ ڊس ايبلٽيز، سنڌ حڪومت ۽ ناؤ ڊبليو پي ڊي پي جي گڏيل سهڪار سان هلائي پيو وڃي. هن ٻڌايو ته هن پروگرام جي مالي سهائتا ڊي اي پي ڊي ڪري رهيو آهي ۽ ان جو مقصد معذور ماڻهن کي خودمختيار ۽ باوقار زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان گذريل پنجن سالن دوران 65 هزار کان وڌيڪ معذور ماڻهن سڌي ريت فائدو حاصل ڪيو جڏهن ته ناؤ ڊبليو پي ڊي پي سان گڏيل قدمن جي نتيجي ۾ سڄي صوبي ۾ 3 لک 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگيءَ ۾ مثبت تبديلي آئي آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد معذور ماڻهن جي زندگيءَ ۾ حقيقي بهتري آڻڻ ۽ کين سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ 10 سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هنرمند پروگرام تحت 4 هزار 200 کان وڌيڪ معذور ماڻهن مهارتن جي تربيت مڪمل ڪئي آهي جڏهن ته 1 هزار 700 کان وڌيڪ ماڻهن کي 22 مختلف صنعتن ۾ روزگار فراهم ڪيو ويو آهي. صنفي شموليت بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هنرمند پروگرام جي هر ٽن گريجوئيٽن مان هڪ معذور عورت آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مهارتن جي تربيت ۽ روزگار جي قدمن ۾ صنفي شموليت کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي. مراد علي شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت سنڌ جي پنجن خصوصي تعليمي اسڪولن ۾ 500 کان وڌيڪ خصوصي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جنهن سان تعليم کان مهارتن جي واڌ ۽ پوءِ روزگار تائين مضبوط لاڳاپو قائم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اها اڳڀرائي سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل جي ڪاميابيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ذريعي شراڪتي ادارن جي سهڪار سان ڊي اي پي ڊي معذور ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل بڻايو آهي. وڏي وزير چيو ته معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ وارو سنڌ جو ماڊل ٻين صوبن ۾ به ساراهيو پيو وڃي جڏهن ته حڪومت ۽ شراڪتي ادارن وچ ۾ مؤثر رابطي سان ترقياتي قدمن جي دائري ۽ معيار ۾ بهتري آئي آهي ۽ آزمائشي منصوبا پائيدار نظام جي قدمن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. هن اعلان ڪيو ته معذور ماڻهن لاءِ نين مهارتن جون تربيتون ۽ روزگار جون سهولتون شهيد بينظير آباد، اسلام ڪوٽ ۽ ڪياماڙي ۾ قائم ڪيون وينديون ته جيئن شموليتي موقعن تائين رسائي کي وڌيڪ وڌائي سگهجي. هن چيو ته اين اي ڊي يونيورسٽي سميت مقامي شراڪتي ادارن کي به معاون اوزارن جي مقامي تياري لاءِ شامل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي جي ويجهو هڪ انڪليوسِو سٽي جي تعمير جو به اعلان ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي منصوبو حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت ان انڪليوسِو سٽي ۾ ناؤ ڊبليو پي ڊي پي جهڙن ادارن لاءِ انفراسٽرڪچر مهيا ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اهي ٻار مستقبل ۾ سماج لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندا ۽ اسان جو مشن معذور ماڻهن کي سماج جو فعال ۽ بااختيار رڪن بڻائڻ آهي. وڏي وزير سڀني شراڪتي ادارن ۽ لاڳاپيل ڌرين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومتِ سنڌ سماج جي بهتري ۽ سڀني لاءِ شموليت جي فروغ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. گريجوئيشن تقريب دوران مختلف صلاحيتن رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي ڪاميابيءَ جون ڪهاڻيون به ٻڌايون جن کي وڏي وزير ساراهيو. هن چيو ته هر انسان ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ڪا نه ڪا ڪمي هوندي آهي، اسان جي ذميواري آهي ته معذور ماڻهن کي بااختيار بڻايون ته جيئن اهي وڌيڪ مڪمل ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگهن۔ آخر ۾ وڏي وزير گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ورهايا. ان موقعي تي سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبلٽيز طحٰيٰ فاروقي، ناؤ ڊبليو پي ڊي پي جو صدر امين هاشواڻي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمير احمد، جنرل مينيجر فاطمه جميل ۽ ٻيا به موجود هئا.











