فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ پاران ٽيڪس ورلڊ پيرس جي 58هين ايڊيشن جو دورو

پيرس- 03 فيبروري (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ ٽيڪس ورلڊ پيرس جي 58هين ايڊيشن جو دورو ڪيو ۽ نمائش ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ٽيڪس ورلڊ پيرس ۾ سال ۾ ٻه ڀيرا منعقد ٿيندڙ هڪ مشهور عالمي ٽيڪسٽائل نمائش آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان ٽيڪسٽائل انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪن ٿيُون. دوري دوران سفير پاڪستاني نمائش …

پيرس- 03 فيبروري (اي پي پي) فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ ٽيڪس ورلڊ پيرس جي 58هين ايڊيشن جو دورو ڪيو ۽ نمائش ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. ٽيڪس ورلڊ پيرس ۾ سال ۾ ٻه ڀيرا منعقد ٿيندڙ هڪ مشهور عالمي ٽيڪسٽائل نمائش آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان ٽيڪسٽائل انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪن ٿيُون. دوري دوران سفير پاڪستاني نمائش ڪندڙن جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي ۽ فرانسيسي ۽ يورپي خريدارن سان رابطن کي وڌائڻ ۾ سفارتخاني جي مڪمل مدد جو ورجاءُ ڪيو.