نواب شاهه لڳ دوڙ ويجهو ٽريفڪ حادثو، ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر، عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 16 زخمي

نواب شاهه-02 فيبروري (اي پي پي) نواب شاهه جي تعلقي دوڙ ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 16 زخمي ٿي پيا. دوڙ ويجهو احمد ڇٽا اسٽاپ لڳ تيز رفتار ڪار ۽ مسافر ويگن وچ ۾ شديد ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد فوت جڏهن ته 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جي سڃاڻپ وقاص طفيل ۽ شفق خالد …

نواب شاهه-02 فيبروري (اي پي پي) نواب شاهه جي تعلقي دوڙ ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 16 زخمي ٿي پيا. دوڙ ويجهو احمد ڇٽا اسٽاپ لڳ تيز رفتار ڪار ۽ مسافر ويگن وچ ۾ شديد ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد فوت جڏهن ته 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جي سڃاڻپ وقاص طفيل ۽ شفق خالد جي نالن سان ٿي آهي، جيڪي بهاولپور کان ڪراچي وڃي رهيا هئا. حادثي جي فوري بعد مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو ٽيمن امدادي ڪارروائيون ڪندي زخمين ۽ فوتين کي دوڙ اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ذريعن مطابق زخمين مان 2 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب انهن کي وڌيڪ بهتر علاج لاءِ نواب شاهه ريفر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين زخمين کي دوڙ اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. زخمين ۾ عزيزان ، سبحاني، دادلي، زاهده، ماروي، سلميٰ، اقبال حسين، بهادر، بشير، امان الله، زاهد، ڪاشف، خادم، معشوق، لونگڙي ۽ سنينا شامل آهن. پوليس مطابق حادثي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته حادثي واري هنڌ تان گاڏيون هٽائي ٽريفڪ جي رواني بحال ڪئي وئي آهي. 

مزید خبریں