لاڙڪاڻو - 02 فيبروري (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي خاص هدايتن تي پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪندي ڏوھارين جي پناهگاھن تي ڇاپا هنيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن مطابق لاڙڪاڻو پوليس جو عاقل پير شير جي ڪچي ۽ باقراڻي جي ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي.ڊي ايس پي عاقل فهد ارشاد مغل ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد علي ٽالپر …
لاڙڪاڻو جي مختلف علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري، هڪ ڏوهاري گرفتار
لاڙڪاڻو – 02 فيبروري (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي خاص هدايتن تي پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪندي ڏوھارين جي پناهگاھن تي ڇاپا هنيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن مطابق لاڙڪاڻو پوليس جو عاقل پير شير جي ڪچي ۽ باقراڻي جي ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي.ڊي ايس پي عاقل فهد ارشاد مغل ۽ ڊي ايس پي ڏوڪري مير امداد علي ٽالپر جي نگراني ۾ علائقي جي ايس ايڇ اوز داخلي ۽ خارجي رستن تي شڪي ماڻهن ۽ گاڏين جي تلاشي سان گڏ معلومات جي تصديق ڪئي. امن امان جي فضا کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ پوري ضلعي ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪيو پيو وڃي.سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن دوران تلاش ايپ ڊوائيسز جي مدد سان موقع تي شناخت جو عمل جاري آهي .ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪمن جي مطابق سڄي ضلعي ۾ پوليس پيٽرولنگ ۾ واڌ ڪئي آهي. ٻئي طرف ايس ايڇ او وليد سب انسپيڪٽر تصور حيات ميرو خان چوڪ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڌاڙي جي ڪيس ۾ ملوث ۽ روپوش جوبدار گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ نويد پٽ پرويز عرف پرو شر طور ٿي آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري وليد پوليس لاءِ شاباش جا پيغام جاري ڪندي ڏوھارين خلاف ڪارروائين ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.











