نوشهروفيروز ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو، 4 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، 6 فرار

نوشهرو فيروز -02 فيبروري (اي پي پي) ڪنڊيارو ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته سندن 6 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس ترجمان موجب واقعو ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد نئير ريگيوليٽري موري ويجهو پيش آيو، جتي واردات جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. پوليس وقت سر ڪارروائي …

نوشهرو فيروز -02 فيبروري (اي پي پي) ڪنڊيارو ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته سندن 6 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس ترجمان موجب واقعو ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد نئير ريگيوليٽري موري ويجهو پيش آيو، جتي واردات جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. پوليس وقت سر ڪارروائي ڪئي جنهن دوران ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ 4 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جن جي قبضي مان پسٽل، گوليون ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. گرفتار ڌاڙيلن جي سڃاڻپ همٿ ٽانوري، غلام مرتضيٰ سنجراڻي، نادر لاشاري ۽ طاهر سولنگي جي نالن سان ٿي آهي، پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڌاڙيل شهدادپور ۽ ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ آهن، جن کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدار سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هئا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي جڏهن ته فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي نوشهرو فيروز پوليس جي وقت سر ۽ ڪامياب ڪارروائي جي تعريف ڪندي چيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.