ڪوئيٽا پوليس سرڪاري ملڪيتن جي چوري ۾ ملوث ماڻهن کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا- 02 فيبروري (اي پي پي) ڪوئيٽا پوليس سرڪاري ملڪيتن جي چوري ۾ ملوث ماڻهن کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. بلوچستان پوليس ترجمان مطابق جن شهرين سرڪاري تحويل مان موٽر سائيڪلون، گاڏيون ۽ رڪشه يا ڪو به سرڪاري سامان چوري ڪيو آهي، انهن کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته ڪوئيٽا پوليس هڪ آپريشن شروع ڪري رهي آهي جنهن ۾ سمورو چوري ٿيل سامان ريڪور ڪيو ويندو. ۽ …

ڪوئيٽا- 02 فيبروري (اي پي پي) ڪوئيٽا پوليس سرڪاري ملڪيتن جي چوري ۾ ملوث ماڻهن کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. بلوچستان پوليس ترجمان مطابق جن شهرين سرڪاري تحويل مان موٽر سائيڪلون، گاڏيون ۽ رڪشه يا ڪو به سرڪاري سامان چوري ڪيو آهي، انهن کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته ڪوئيٽا پوليس هڪ آپريشن شروع ڪري رهي آهي جنهن ۾ سمورو چوري ٿيل سامان ريڪور ڪيو ويندو. ۽ جن ماڻهن جي قبضي مان چوري ٿيل سامان مليو انهن کي به دهشتگردن جو ساٿي تصور ڪيو ويندو ۽ انهن خلاف دهشتگردي جي شقن تحت ڪيس هلايا ويندا. ڪوئيٽا پوليس عوام جي خدمت ۾ هر وقت مصروف آهي، اهڙن سمورن ماڻهن جن سرڪاري سامان جي چوري ڪئي انهن کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وڃي ٿي ته اهي سمورو چوري ٿيل سامان لاڳاپيل ٿاڻن ۾ واپس ڪن، انهن کان ڪو به سوال نه ڪيو ويندو. 48 ڪلاڪن کانپوءِ جن جي قبضي مان چوري ٿيل سامان ملندو، انهن کي دهشتگردن جو ساٿي تصور ڪيو ويندو.

مزید خبریں