ڪراچي کان روانو ٿيل سفاري ٽرين 100 کان وڌيڪ سياحن سميت لاڙڪاڻو پهتي

لاڙڪاڻو-01 فيبروري (اي پي پي) ڪراچي کان روانو ٿيل سفاري ٽرين 100 کان وڌيڪ سياحن کي کڻي موئن جو دڙو جي تاريخي سفر لاءِ رات نو لڳي چاليهه منٽن تي لاڙڪاڻو پهتي. سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري کاتي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد فياض شاهه پڻ سياحن سان گڏ لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي پهتو. ان موقعي تي سنڌ وڏي وزير جو خاص مددگار خير محمد شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا …

لاڙڪاڻو-01 فيبروري (اي پي پي) ڪراچي کان روانو ٿيل سفاري ٽرين 100 کان وڌيڪ سياحن کي کڻي موئن جو دڙو جي تاريخي سفر لاءِ رات نو لڳي چاليهه منٽن تي لاڙڪاڻو پهتي. سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري کاتي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد فياض شاهه پڻ سياحن سان گڏ لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي پهتو. ان موقعي تي سنڌ وڏي وزير جو خاص مددگار خير محمد شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا خان قريشي، ريجنل مينيجر سمبارا هوٽل سيد امتياز علي شاهه سياحن جو استقبال ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڊي ثقافت ۽ سياحت سيد فياض شاهه چيو ته سنڌ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالا مال آهي ۽ موئن جو دڙو جهڙي عظيم تهذيب کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سفاري ٽرين جو مقصد سياحت کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ دنيا کي سنڌ جي قديم تاريخ ۽ ثقافت کان واقف ڪرائڻ آهي. وفد موئن جو دڙو پهچي تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو، جتي سياحن کي قديم تهذيب جي اهميت ۽ آثارِ قديمه بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بعد ۾ آيل سياحن جو وفد سمبارا اِن لاڙڪاڻو پھتو جتي کين رات جي ماني جو بندوبست ڪيو ويو ۽ موسيقي جي محفل منعقد ڪئي وئي.